افغانستان جي موجوده صورتحال جا پاڪستان تي پيل اثر

تحرير: عارف بهار

پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن تي ٻڌل قومي سلامتي ۽ فوجي قيادت جي ڪميٽيءَ جو افغانستان جي اهم معاملي تي جيڪو اجلاس ٿيو هو، جنهن  ۾ ميان شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ سميت سمورين پارلياماني جماعتن جي اڳواڻن ۽ نمائندن کان سواءِ  فوجي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ۽ آءِ ايس آءِ جي، ڊي جي جنرل فيض حميد به موجود هيا. اجلاس ۾ فوجي قيادت افغانستان جي معاملي تي سياسي قيادت کي بريفنگ ڏني ۽ سوال جوابن جو موقعو ڏئي معاملي کي سمجهڻ ۾ مدد ڏني، مجموعي طور تي بريفنگ جيو اسٽريٽيجڪ صورتحال تي ڏيڻي هُئي پر افغانستان جي مسئلي تي چئن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڳالهه ٿيڻ ڪري ڪشمير جي مسئلي تي بحث ٿي نه سگهيو. بريفنگ ۾ وزيراعظم عمران خان شريڪ نه هيو، هو افغان مسئلي تي  فوجي قيادت سان اڪثر ڪري رابطي ۾ رهندو آهي ان ڪري اجلاس ۾ ان جي ڪمي گهڻي قدر محسوس نه ٿي.

وزيراعظم ڪجهه ئي ڏينهن اڳ آءِ ايس آءِ جي هيڊ ڪواٽر ۾ بريفنگ وٺي چڪو هيو، تنهنڪري اجلاس ۾ سندس موجودگي ضروري به نه سمجهي وئي، جڏهن ته اجلاس جي ماحول کي بهتر رکڻ لاءِ وزيراعظم جو اجلاس ۾ غير حاضر هجڻ ڪنهن حد تائين ڪارگر ثابت پڻ ٿيو، ڇو جو ملڪ ۾ سياسي اختلافن جي جنهن پئماني تي شدت آهي ان جو مثبت حل نظر نه ٿو اچي. ان بريفنگ جو اهتمام اصل ۾ انهن سياسي پارٽين لاءِ ڪيو ويو هو جيڪي عوام منجهه رهي ڪري فوجي قيادت جي حوالي سان شڪ ۽ شبها پيدا ڪنديون رهن ٿيون. فوجي قيادت تي اڪثر ڪري ڪشمير تي سودي بازي ڪرڻ جو الزام لڳايو ويندو آهي،آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ هڪ دفعو وري مخالف ڌر انهيءَ نعري کي استعمال ڪرڻ جون ڪوششن ڪري رهي آهي. انهيءَ نعري جو مخاطب ته اڪثر ڪري عمران خان هوندو آهي پر ان نعري جي تپش وڃي فوجي قيادت کي به پهچندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو بريفنگ ۾ ڪشمير جو سودو ڪرڻ جو سوال ڪنهن به پارٽيءَ نه اٿاريو.

ڪجهه ئي ڏينهن اڳ مولانا فضل الرحمان پنهنجي هڪ بيان ۾ اڳڪٿيءَ جي انداز ۾ چيو هو ته جلد ئي افغانستان ۾ پاڪستان کان سواءِ هر پارٽيءَ جو جهنڊُو نظر ايندو جنهن جو مقصد اصل ۾ پاڪستان جي افغان پاليسيءَ تي عدم اعتماد ڪرڻ ئي هيو. مولانا فضل الرحمان جو مقصد ڪهڙُو به هُجي پر اها حقيقت آهي ته جڏهن نائن اليون بعد آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجيون فوجون لاٿيون  ته ان وقت افغانستان ۾ پاڪستان کان سواءِ هر ملڪ جو جهنڊو موجود هيو.

هاڻي افغانستان ۾ صورتحال تبديل ٿي رهي آهي، ٿي سگهي ٿو ته  نئين منظر نامي ۾ ڪيترائي ملڪ افغانستان ۾ موجود نه هجن، جڏهن ته اطلاع اهي به آهن ته هندستان افغانستان ۾ موجود پنهنجي سفارتي عملي کي سامان ٻڌڻ سميت ملڪ ڇڏڻ لاءِ پنهنجن خاندانن کي تيار رکڻ جو حڪم ڪيو آهي، جڏهن ته هندستان جي سفارتي عملي افغانستان ۾ جيڪو به انٽيليجنس جو نظام ڦهلايو هيو ان کي به ويڙهڻ شروع ڪيو آهي، هي اهو ئي هندستان آهي جيڪو نائن اليون بعد افغانستان ۾ راجا اندر بڻجي گهمندو هو، جڏهن ته انهن راهن تان پاڪستان پنهنجو منهن لڪائي گهندو هو.

افغانستان متعلق پاڪستان جي موجوده پاليسين ۾ فوجي ۽ سياسي ” ان پٽ“ نظر اچي ٿو جڏهن ته فوجي مزاج کي پڻ سياسي عمل جو تڙڪو لڳل هوندو آهي، اهو ئي معاملو آمريڪا ۽ چين متعلق پاڪستان جي تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ پاليسيءَ جو آهي. عمران خان اهڙي پاليسيءَ کي انتهائي جرئت سان بيان ڪندو رهيو آهي.

مختصر بريفنگ ۾ جنهن مسئلي تي مختلف حوالن سان روشني وڌي وئي ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، اها آهي افغانستان جي موجوده صورتحال جي پس منظر ۾ پنجن کان ستن لکن جي لڳ ڀڳ افغان پناهه گيرن جو پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ، جڏهن ته افغانستان ۾ اڳ ئي پنج کان ڇهه هزارن کان وڌيڪ ٽي ٽي پي ۽ بلوچ ويڙهاڪ موجود آهن جڏهن ته داعش جا پڻ ٻن کان ٽي هزار دهشت گرد پوري ساز ۽ سامان سان موجود آهن، امڪان اهو آهي ته اهي به افغان پناهگيرن سان گڏجي پاڪستان ۾ داخل ٿي ويندا. بريفنگ ۾ سياسي قيادت کي اهو پڻ ٻڌايو ويو هو ته سي پيڪ جي حوالي سان آمريڪا، پاڪستان کان ناراض آهي، بريفنگ ۾ سياسي قيادت جا مونجهارا دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي بريفنگ ۾ اها ڳالهه محسوس ڪئي وئي ته ڪنهن به اڳواڻ بريفنگ ۾ عدم اعتماد جو اظهار نه ڪيو،شهباز شريف، بلاول ڀٽُو زرداري ۽ مشاهد حسين سميت سڀني اڳواڻن کي پنهنجن پنهنجن سوالن جا جواب ملي ويا.

بريفنگ ۾ افغان پاليسيءَ تي سخت تنقيد ڪندڙ پي ٽي ايم جو اڳواڻ محسن داوڙ پڻ موجود هيو جنهن جي آرمي چيف سان ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي، موجوده حالتن جي تناظر ۾ ملڪ جي سياسي قيادت ۽ فوجي قيادت وچ ۾ ملاقات انتهائي اهم هُئي، جنهن جا سٺا نتيجا نڪرندا، هاڻي پاڪستان جيڪي به فيصلا ڪندو اهي سمورا فيصلا سڄي قوم جا فيصلا تصور ڪيا ويندا جن تي فوجي قيادت يا عمران خان جي ڇاپ گهٽ نظر ايندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.