ڏوڪري ۾ ٻن ڏينهن کان نوجوان گم، وارث پريشان

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري ٿهيم پاڙي جو  رهواسي 50 ورهين جو علي گوهر ٿهيم گذريل ٻن ڏينهن کان  گم ٿي ويو آھي جنهن ڪري سندس  وارث سخت پريشان آهن  ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن گم ٿيل جي ڀاءُ در محمد ٿهيم ڏوڪري پريس ڪلب پهچي صحافين کي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ علي گوهر ٿهيم 2 ڏينهن اڳ گهران نڪري ويو هو جيڪو واپس نه آيو آهي  ڀاءُ جي گمشدگي جو  ڏوڪري ٿاڻي تي اطلاع ڏنو آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته گم ٿيل ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.