تنگواڻي ۾ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج

تنگواڻي(رپورٽ:مھتاب ملڪ ) تنگواڻي ڀرسان تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي ڳوٺ گوندل کوسه جي ڳوٺاڻن جي تنگواڻي پوليس جي مبينا زيادتين  خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج مظاھرو،ان موقعي تي ڳوٺاڻن عالم کوسه،محمد کوسه، بابل کوسه، معشوق کوسه چيو ته تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي ٻن اھلڪارن پرويز کوسه ۽ راڻو بنگوار اسان کي بنا جواز گرفتار ڪري تشدد ڪيو جنھن سبب اسان جو نوجوان محمد کوسه کي بٽ ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو بعد ۾ کيسي مان پيل 50000 ھزار روڪ ڦر ڪرڻ بعد مون کي ڇڏي ڏنو ۽ ڳالھائڻ تي  ڪوڙي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڌمڪيون ڏنيون آھن،ھنن آجي سنڌ ۽ ڊي آ جي لاڙ ڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته ھن معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.