دودو ڀيل ڪيس جا مک جوابدار پورهيت کي ڌمڪين جي ڪيس ۾ به گرفتار

مٺي( ڊر ) دودو ڀيل ڪيس جا مک جوابدار پورهيت کي ڌمڪين جي ڪيس ۾ به گرفتار ٿي ويا، عدالت جيل موڪلي ڇڏيو. ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ اينگرو ڪمپني اندر پورهيت دودو کي تشدد ڪري ماريندڙ  سيڪيورٽي انچارج ڪاشف رضا ۽ گارڊ قمر عباس پورهيت صديق راهمون کي قيد ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ قانون جي پڪڙ ۾ نيٺ اچي ويا. جهانگرو پوليس دودو ڀيل قتل ڪيس جي 2 جوابدارن سيڪيورٽي انچارچ ڪمانڊر ڪاشف ۽ گارڊ قمر رضا کي پورهيت صديق راهمون کي قيد رکڻ ۽ ڌمڪيون ڌيڻ واري ڪيس ۾ مٺي جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. جهانگرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او ماجد ڪي ڪي دودو ڀيل سان گڏ تشدد ۽ موتمار ڌمڪين جي متاثر پورهيت صديق راهمون جي داخل ڪرايل هڪ وڌيڪ ٽئين ڪيس ۾ ڪمانڊر ڪاشف ۽ قمر رضا جي گرفتاري ظاهر ڪئي. ڪيس جي پيروي نامياري وڪيل غلام مصطفىٰ هنگورجو ڪئي. پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري ظاهر ڪرڻ بعد سنڌ اينگرو ڪول ڪمپني جي سيڪيورٽي انچارچ ڪمانڊر ڪاشف رضا ۽ قمر عباس کي جوڊيشل مئجسٽريٽ 3 مٺي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،پوليس جوابدارن جي رمانڊ لاءِ درخواست نه ڪئي،اينگرو ڪمپني جي سيڪورٽي انچارچ ۽ ٻين خلاف دودو ڀيل قتل سميت 3 ڌار ڌار ڪيس داخل ٿيل آهن. جوابدار 2 ڪيسن مان حفاظتي ضمانت ڪرائي چڪا. مٺي جي عدالت دودو ڀيل قتل ڪيس جي مک جوابدارن ڪمانڊر ڪاشف ۽ قمر رضا کي پورهيت صديق راهمون کي ڌمڪين واري ڪيس ۾ جوڊيشل لاڪ اپ روانو ڪري ڇڏيو،جوڊيشنل مئجسٽريٽ ٿري مٺي جي عدالت جوابدارن کي سب جيل اماڻي ڇڏيو. جوابدارن ڪاشف ڪمانڊر ۽ قمر عباس سان صحافين پاران ڳالھ ٻولھ جي ڪوشش ڪئي ويئي پر هنن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جوابدارن چيو ته موقف پوليس کان پڇا ڪيو جنهن کي خبر هوندي.ايڊووڪيٽ غلام مصطفىٰ هنگورجو چيو آهي ته مُک جوابدارن تي پورهيت دودي ڀيل جي قتل،پورهيت غلام قادر تي تشدد بعد صديق راهمون کي قيد رکڻ جو ٽيون ڪيس داخل ٿيو آهيئ03

ٿرڪول بلاڪ ون ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي هڙتال، ڌرڻو

اسلام ڪوٽ: ٿرڪول بلاڪ ون ۾ سيفٽي سميت پيئڻ جي صاف پاڻي،رهائش،پاروٿو کاڌو ملڻ توڙي پگهارون ٽائيم تي نه ملڻ خلاف هزارين  مزدورن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏي،جنهن سبب هلندڙ ڪم بند ٿي ويو،مقامي مزدورن پاران بلاڪ اندر گڏ تي ڪمپنين جي مُک گيٽ تي احتجاج ڪري ڌرڻو هڻي ڇڏيو،سڄو ڏينهن مزدور گڏ تي سخت احتجاج سان گڏ سهوليتون ڏيڻ لاءِ دانهون ڪندا رهيا ۽ احتجاج ڪندڙن کي ڪمپنين ٻاهر نڪرڻ کان روڪي گيٽ بند ڪري ڇڏيا،سهولتون نه هجڻ خلاف احتجاج ڪندڙن کر ڪمپنين بلاڪ لسٽ ڪري ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏيئي ڇڏي آهي،پورهيتن پاران ڪيل احتجاج رات ڌير تائين جاري هو ۽ سهولتون نه ڏيڻ تائين احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،اُنهي سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙ پورهيتن فون تي دانهيندي صحافين کي ٻُڌايو ته بلاڪ ون اندر زندگي جي ڪا به سهوليت ناهي،اسان کي هتي ڪمپين قيد ڪري رکيو آهي،پيئڻ جي صاف پاڻي،رهائيش،واش روم، صحت،کاڌي پيتي سميت صحت جي ڪا به سهوليت موجود ناهي،سيفٽي نالي ڪا به شئي ڪونهي،جنهن سبب روزاني مزدور فوت ٿي رهيا آهن.

ٿر ڪول ۾ واضح پاليسي نه جوڙڻ خلاف جي سڄاڻ ڌرين پاران اڄ گڏجاڻي

مٺي:دودو ڀيل قتل ڪيس،ٿر ۾ پوليس گردي ۽ ٿر ڪول ۾ واضح پاليسي نه جوڙڻ خلاف اڄ خميس ڏينهن ٿر جي سڄاڻ ڌرين  پاران اهم گڏجاڻي مٺي ۾ رکي وئي آهي،جنهن ۾ ٿر جي سول سوسائٽي،سياسي سماجي،بار جي وڪيلن،واپارين توڙي مختلف مڪتب فڪر  سان تعلقن رکندڙ اهم اڳواڻ شريڪ ٿيندا ۽ هڪ گڏيل راءِ سان دودو ڀيل قتل ڪيس،پوليس گردي سميت ٿر ڪول ۾ ڪم ڪندڙ سموري سنڌ واسين لاءِ اهم فيصلا نقطن جي زير غور هيٺ آندا ويندا،وڪيل لجپت سوراڻي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هي ٿر جو هڪ اهم مسئلو آھي،انهي اشوز تي سڀني ساڃاھ وندن کي گڏجي تحريڪ هلائڻ لاءِ بغير ڪنهن اختلاف جي هڪ ٿيڻ گهرجي،سندس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٿرپارڪر پرامن خطو آھي جتي پوليس آفيسر مسڪين ماڻھن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي.03

ڀيمراج ميگهواڙ ۽ وڪيل ليلارام جي امتياز شيخ سان ملاقات، دوري جي خاطري

مٺي:گوڙاڻي ڊيم جي متاثرن ڀيمراج ميگهواڙ ۽ وڪيل ليلارام ميگهواڙ پاران توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ ۽ اينگرو جي  سي اي او ابوالفضل سان ڪراچي ۾ ملاقات ڪري ٿر کي واضح پاليسي ڏيڻ جي گُهر ڪئي،جنهن تي صوبائي وزير پاران عيد بعد گوڙاڻي ڊيم جو تفصيلي دورو ڪرڻ جو واعدو ڪيو،گوڙاڻي جي متاثرين ڀيمراج ۽ ليلارام ميگهواڙ چيو ته گوڙاڻي ڊيم جا مسئلا حل ناهن ٿيا،اسان اڄ به انصاف لاءِ دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير ٻُڌي نه ٿو،اسان چئون ٿا ته گوڙاڻي سميت ٿر لاءِ ڪا واضع پاليسي جوڙي ماڻهن کي فائدو ڏنو وڃي،ٿرڪول ۾ مقامي رهواسين سان ظلم ۽ زيادتيون جاري آهن جنهن جو مثال دودي ڀيل جو قتل آهي،ڪمپنين ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.