سنڌ ۾ پاڻي کوٽ برقرار آهي،پنجاب سمورا ڪئنال وهائي رهيو آهي: ايوان زراعت

حيدرآباد(رپورٽر) ايوان زراعت سنڌ جي صدر سيد ميران محمد شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ اڃا تائين پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي سگهي آهي،  جڏهن ته پنجاب چشما جهلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال سميت سمورا لنڪ  ڪئنال وهائي رهيو آهي،  اهڙو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد چيمبر آفيس مان پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي،  هن آبپاشي کاتي جي ڪارڪردگي تي به سوال اٿاريندي چيو ته گڊو بئراج تي اڄ پاڻي جي ليول هڪ لک 13 هزار 441 ڪيوسڪ آهي،  سکر بئراج تي 77 هزار 715 ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 27 هزار 420 ڪيوسڪ پاڻي جي ليول موجود آهي،  ايترو پاڻي موجود هجڻ باوجود سڄي سنڌ ۾ اڃا تائين هفتيوار وارا بندي ختم نه ٿي سگهي آهي،  جڏهن ته ايلوڪيشن مطابق سنڌ کي 95 سيڪڙو پاڻي ملي رهيو آهي پر ان جي باوجود به سنڌ جي آبپاشي کاتي جي بدانتظامي نظر اچي رهي آهي،  روهڙي ڪئنال, نارا ڪئنال, رائيس ڪئنال, ڦليلي ۽ گوني ڪئنال سميت سمورن واهن جي آبادگارن جون پاڻي کوٽ بابت دانهون اچي رهيون آهن،  ايترو پاڻي هجڻ باوجود پڇڙي تائين پاڻي جي فراهمي نه ٿي رهي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.