لاهور، لاڙڪاڻي ۽ ريل گاڏي جو فرق!

تحرير: حافظ سڪندر تنيو

انگريزن جڏهن هن خطي تي قبضو ڪيو ته هتي سڀ کان پهريائين انگريز واپاري، واپار سانگي آيا هئا. هتان جون شيون انگلينڊ ته اتان جون شيون هيڏانهن آڻيندا نيندا هئا. کين واپار جي سٺي ڄاڻ، سٺي تعليم هئي. ان کان سواءِ هو لٽريسي ماڻهو پڻ هئا. ادب ۽ اخبارن پڙهڻ سان سندن لڳاءُ رهيو هيو. هڪ پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو جي ذهني سطح هڪ جهڙي ناهي هوندي. هنن اڳتي هلي هن خطي جي مختلف علائقن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا. هنن واپارين، قبضن ڪرڻ لاءِ ، برٽش حڪومت کان فوجي، مالي، سياسي مدد حاصل ڪئي. هنن جي حڪومت کي ڪمپني حڪومت چيو ويندو هيو. ايسٽ انڊيا ڪمپني نالي هڪ واپاري ڪمپني ننڍي کنڊ تي حڪومت ڪرڻ لڳي. ان دور ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني برطانيا جي وڏي ڪمپني ليکي ويندي هئي. پر هميشه ماضي هڪ جهڙو نه رهندو آهي، اڄ ايسٽ انڊيا ڪمپني زوال جي نشاني طور ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اڄ هيءَ  ڪمپني انگلينڊ ۾ رڳو ٻن دوڪانن تائين محدود ٿي چڪي آهي.

هن خطي ۾ اچڻ وقت آمد ورفت جو ذريعو درياهي ٻيڙين ذريعي، يا خشڪي تي بار کڻندڙ، جانورن اٺ، گهوڙا، خچر، گڏهن جو هوندو هيو. انگريزن جو سامونڊي پاڻي تي پڻ قبضو هيو. هو وڏا جهاز سمنڊن ۾ ڳرو وزن کڻڻ لاءِ  استعمال ڪندا هئا. هتي ٽرانسپورٽ جو مدي خارج نظام هئڻ سبب سندن واپار وڌائڻ ۾ وڏي رنڊڪ بڻيل هيو. هنن وٽ نئين دور جي نئين انجنيئرنگ تعليم اچي چڪي هئي. هي پنهنجي ملڪ ۾ ريل جو نظام قائم ڪري چڪا هئا. جيڪو ريلوي نظام هنن پنهنجي قبضي هيٺ آيل بيٺڪن ۾ هلايو. پوري ننڍي کنڊ تي سندن قبضو ٿي چڪو هيو. هو حڪمراني ڪرڻ عارضي وقت لاءِ  نه آيا هئا. هنن جو اڄ جي سنڌ تي اڄ جي پنجاب جيان مستقل رهڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جو منصوبو هيو. ان ڪري هنن ننڍي کنڊ تي پنهنجي حاڪميت قائم رکڻ لاءِ  جديد انجنيئرنگ جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي توپون، رائفلون، بندوقون، هلڪا هٿيار پستول ويڙه لاءِ  پنهنجي فوج کي ڏنا. هنن فوج ۽ پوليس لاءِ  مقامي ماڻهو خريد ڪيا. ڇو جو هن وسيع ملڪ تي هو وڏي تعداد ۾ پنهنجي فوج آڻڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري رهيا هئا. انڪري مرهٽا، گورکا، سک ۽ پنجابي مسلمان هنن فوج ۽ پوليس ۾ جھجھي تعداد ۾ رکيا.

آمدرفت جو پراڻو طريقو بدلائي هنن ريلوي نظام آندو. ريل جو سفر تيز تڪڙو هيو. هو هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين جيڪو فاصلو گڏھن گهوڙن تي مهينن ۾ طئي ڪندا هيا. سو هڪ ٻن ڏينهن ۾ طئي ٿيڻ لڳو. سموري ملڪ ۾ جتي جتي سندن حاڪميت هئي. تتي هنن ريلوي پٽڙيون وڇائي ڇڏيون. سنڌ کي پڻ ريل جي ڄار۾ وڪوڙيو ويو. درياهه جي کاٻي ڀر اٻاوڙو، پنو عاقل، روهڙي راڻيپور، نواب شاھ، شهدادپور، حيدرآباد کان ٿيندي ڪراچيءَ  تائين ريل پٽڙي هلائي ويئي. جيسلمير راجستان کي پڻ سنڌ سان ڳنڍيو ويو. جيسلمير جا ڳاڙها خوبصورت پٿر جيڪي ڪراچيءَ  جي پراڻين بلدنگن ۾ لڳل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سي ريل ذريعي آندا ويا هئا. جن جي سونهن اڄ به عروج تي آهي. ٻئي پاسي سنڌو درياهه جي ساڄي پاسي ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻو، شهدادڪوٽ، دادو، سن، سيوهڻ، ڀان، ڄامشورو، ڪوٽڙي جهمپير، جنگشاهي، رڻ پٽياڻي، چنيسر هالٽ، ۽ ڪراچي کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيائون. سکر جا ويٺل فضل الله قريشي جيڪو وفاقي سيڪريٽري ٿي رٽائرڊ ٿيو آهي. سندن وڏا ڪاٺ جو ڪاروبار ريل ذريعي ڪندا هئا. اهڙي طرح شڪارپور جا واڍا سومرا جن ۾ سنڌ جو وزيراعظم ٿي رهندڙ شهيد الله بخش سومرو جا وڏا پڻ ڪاٺ جي واپار جا وڏا ٺيڪيدار هئا. جيڪي سنڌ جو ڪاٺ ڏورانهن شهرن ڏانهن موڪليندا هئا. اڄ ڪاٺ جي واپار جو ڪم سنڌي واڍن جي هٿان کسجي پٺاڻ واپارين وٽ هليو ويو آهي. جيئن ڪراچيءَ  جي سمونڊ مان مڇي مارڻ وارو ڌنڌو سنڌي ملاحن کان کسجي بنگالين ۽ پٺاڻن جي قبضي ۾ اچي چڪو آهي..

انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ پاڪستان جي حصي تي هڪ وڏي صوبي جي بالادستي رهي آهي. سمورو نظام انگريزن کان وٺي  هنن جي هٿن ۾ ڏنو ويو. ان ۾ ريل جو نظام پڻ شامل هيو. اوڀر پنجاب مان جيڪا لڏپلاڻ ٿي سا پنجابي زبان ڳالهائڻ وارن جي هئي. تن کي ريل ذريعي سنڌ جي اوڀر واري حصي ۾ گهوٽڪي، پنو عاقل، سکر، سانگهڙ، نواب شاھ، جهڙن شهرن ۾ آباد ڪرايو ويو، کين سون اپائيندڙ زرخيز زمينون سنڌ جون مال غنيمت سمجهي مفت ۾ ڏنيون ويون. پنجاب ۾ جيئن چڪ ٺاهيا ويا. تيئن سنڌ جي ڊيموگرافي بدلائي هتي پڻ چڪ قائم ڪيا ويا. جيڪي پنجابي چوڌرين جي نالن سان سڏجن ٿا. جيئن ته سنڌ جي اڀرندي ۽ ڏاکڻي پاسي وڌيڪ آبادي پنجابي آبادگار جي هئي. جن جون مائٽيون پنجاب ۾ ٿيل هيون. سندن اچڻ وڃڻ، مائٽن سان ملڻ لاءِ  کين ريل جي سهولت ميسر ڪئي ويئي. لاهور کان ڪراچيءَ  تائين ڊبل ٽريڪ وڇائي ويئي. پر جن علائقن ۾ پنجابي آبادگار ٿوري تعداد ۾ هيو. جن ۾ جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، شڪارپور، دادو سيوهڻ، تن شهرن کي ريل جي سهولت پرين ڀررهندڙ پنجابين جهڙي اڄ تائين ملي نه سگهي آهي.

پراڻي پٽڙي وڇايل آهي. جتي ريل وڏو ٽائيم ماڳ تي پهچڻ لاءِ  وٺي ٿي. ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو مان چانورن جو واپار وڏي تعداد ۾ ٿيندو هيو ۽ ريل جي ذريعي روزانا  مال گاڏيون گاڏا ڀري ڪراچي پورٽ قاسم تي پهچائينديون هيون. ان کان سواءِ ڪاٺ جو واپار پڻ ريل ذريعي ٿيندو هيو. مٺي پاڻي جي مڇي جو ڪاروبار پڻ انهن شهرن کان لاهور، پنڊي، ملتان ميانوالي، پشاور  تائين ٿيندو رهندو هيو. ڪراچي لاءِ  پڻ مٺي پاڻي جي مڇي ڏنڀرو، ڪرڙو، ٽپرو، سينگاري، ڄرڪي، گندڻ ريل ذريعي موڪليا ويندا هئا.

جانور پڻ ريل گاڏين ۾ واپار لاءِ  موڪلبا هئا. جانورن کي ريل جي گاڏن ۾ چارو پڻ کارايو ويندو هيو، هو ٿڪجي پوڻ سبب گاڏن ۾ ويهي ٿڪ ڀڃي وٺندا هئا، اڄ جانور ويچارا ٽرڪن ۾ سٿي موڪليا ٿا وڃن، جيڪي اهڙو سفر ڪندي عذاب مان ٿا گذرن، جيڪڏهن سڌريل ملڪن ۾ جانورن سان اهڙو سلوڪ ڪندي ڏٺو وڃي ته انهن ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي مٿن جانورن جي حقن جي پائمالي جو ڪيس داخل ڪري کين سزائون ملي سگهن ٿيون، پر هتي ماڻهو پڻ رڍن ٻڪرين جيان ويگنن ۾ سٿيا ٿا وڃن. ڪو کانئن پڇڻ وارو ناهي. خبر ناهي اسان جي سماج کي انساني فضيلتن وارا حق ڪڏهن ملندا. ريل جو سفر ۽ واپار سستو ۽ محفوظ هوندو هيو. جڏهن کان وٺي ريل جا ذريعا بند ڪري ٽرڪن ۽ بسن جو ڪاروبار وڌايو ويو تڏهن کان سندن ڀاڙا ريل کان وڌيڪ هجڻ سبب مهانگائي پڻ وڌي ويئي.

محترمه بي نظير صاحبه سان لاهور جي ڪورٽن جو تعصباڻو رويو هجڻ سبب هن چيو هيو ته لاهور ۾ لاڙڪاڻي جو فرق رکيو ٿو وڃي. مان لاهور جي نه هئڻ سبب ۽ لاڙڪاڻي جي هئڻ ڪري مون کي ڪورٽون انصاف ڏيڻ ۾ تعصب ڪري رهيون آهن. سو محترمه جي اها شڪايت بلڪل سچ هئي. جيڪا روش اڄ پڻ ريلوي جي روپ ۾ لاڙڪاڻي واسين سان ڏسي سگهجي ٿي. ايوب دور کان ڀٽي دور تائين هن روٽ تي ڪيتريون ئي ريلون هلنديون هيون. جيڪي ضياءُ الحق جي دور ۾ بند ڪيون ويون آهن. اڄ هڪ ريل گاڏي به جيڪب آباد لاڙڪاڻي دادو روٽ سان ڪراچيءَ  لاءِ  نٿي هلائي وڃي. اسٽيشنون ويران ٿي ويون آهن. چور عمارتن مان ڪاٺ لوهه ايتري قدر جو شهدادڪوٽ روٽ جون ريل جون لوهيون پٽڙيون پڻ پٽي چورائي کڻي ويا آهن. بلوچستان جي شهر ڪوئيٽا ڏانهن پڻ بولان ميل هڪ گاڏي هلندڙ هئي. جنهن ۾ سيوهڻ کان وٺي جيڪب آباد جا ويٺل ان روٽ جا ماڻهو ڪوئيٽا وڃڻ لاءِ  سفر ڪندا هئا. اڄ اها اڪيلي ريل گاڏي پڻ بند ڪئي ويئي آهي. لاڙڪاڻي کان شهدادڪوٽ روٽ سان جيڪب آباد کان،اوستو محمد، ڪوئيٽا کان ٿيندي ايران تائين چانورن جو واپار ڪيو ويندو هيو. لکين ڪروڙين روپيا ريلوي کي ڪمائي ٿيندي هئي. سوين هزارين ماڻهو روزگار سان لڳل هئا. اڄ اهي فاڪا ڪڍي رهيا آهن. اسٽيشنون سنسان لڳيون پيون آهين. ان جو وڏو سبب لاڙڪاڻي سان تعصب کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪين آهي. ڇو جو هن روٽ تي پنجابي ماڻهو جو تعداد گهٽ آهي. انڪري سهولتون سڀ پنجاب کي ڏنيون وڃن ٿيون.

چيو ٿو وڃي ته ان روٽ تي ريل کي ڪمائي نه پر نقصان ٿي رهيو آهي. جو ماڻهو ريل جون ٽڪيٽون خريد نٿا ڪن. اهو به هڪ عجيب ڀوڳ آهي. انتظام هلائڻ انتظاميا جو ڪم هوندو آهي. ٽول پلازا تي ويھه روپيا ٽيڪس نه ڏيندڙ جي قميص لاهي مٿس تشدد ڪيو ويندو آهي. جج هجي يا ڊاڪٽر يا پوليس وارو هجي ڪنهن کي معاف ناهي ڪيو ويندو. رعايت رڳو آرمي جي ماڻهن کي ملندي رهندي آهي. سو جيڪڏهن ٽڪيٽون نٿيون وٺجن ته ان جا ذميوار ريلوي جا آفيسر ۽ چيڪنگ ڪندڙ هوندا آهن. سي ئي ڄاڻي واڻي واپڊا وارن جيان هٿ سان چوري ڪرائيندا آهن. مٿن سخت قدم کڻڻ انتظاميا جو ڪم هوندو آهي. پر انتظاميا جا چوڪيدار چورن سان رليل هوندا آهن.ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ خبر سوشل ميڊيا تي هلي رهي هئي ته يورپ جي هڪ ملڪ ۾ هڪ ڇوڪري ڪنهن پهاڙي علائقي ۾ رهندڙ هئي. جتي وڃڻ لاءِ  رڳو ريل جي سهولت هئي. ڪن سببن جي ڪري ريل کي سواري گھٽ ملي رهي هئي. ريلوي وارن اهو روٽ بند ڪرڻ جو سوچيو ته ريل انتظاميا کي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ وارن لکيو ته شهر جي ڪاليج ۾ هڪ ڇوڪري فلاڻي ڳوٺ مان پڙهڻ ايندي آهي. جيڪڏهن ريل سروس بند ٿي ته هو پڙهي نه سگهندي. انڪري ريل سروس هلڻ کپي. نيٺ ان اڪيلي ڇوڪريءَ کي آڻڻ نيڻ لاءِ  ريل جي سهولت کيس ڏني ويئي.

مهذب سماج ۽ فلاحي حڪومتون اهي چئبيون آهن. جن وٽ پنهنجي هڪ شهري جو پڻ قدر ۽ خيال هوندو آهي. هتي لاڙڪاڻي روٽ تي هزارين ماڻهن جي سهوليت جو مسئلو آهي. جن کان اها سهوليت کسي ويئي آهي . سنڌي ماڻهن سان ان پاسي کان پڻ نا انصافي ڪئي پئي وڃي. هزارين ماڻهو ريل ذريعي ڪراچيءَ  ۽ ڪوئيٽا جو سفر ڪندڙ هئا. اڄ اهي حسرت جي نگاهن سان باڊهه ، بالي شاھ، لاڙڪاڻو، ڏوڪري،مدئجي، ماهوٽا ،موهن جو دڙو، سيتا، سن، سيوهڻ، آمري، انڙ پور،ٻڍاپور، لڪي جا لڪ، شاھ پنجو ڏهوٽ ۽ دادو جي ريل جي پٽڙين کي ڏسي رهيا آهن. انڪري سنڌ جي ماڻهن مان محرومي وارو احساس ختم ڪندي، لاڙڪاڻو ڪوٽڙي ٽريڪ کي ڊبل ٽريڪ ڪري مٿس تيز رفتار ريل سروس هلائي هزارين ماڻهن کان کسيل سهولت کين واپس ڏني وڃي. لاڙڪاڻي ۽ لاهور وارو اصطلاح ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. جيسيتائين ڊبل ٽريڪ وڇائجي، تيستائين پنجاب، بلوچستان سان هنن شهرن کي ڳنڍڻ لاءِ  هن روٽ تي ڪجهه ريل گاڏيون هلايون وڃن. ماڻهن جو هي پراڻو مطالبو پورو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.