قربانيءَ جو حقيقي روح ۽الخدمت قرباني في سبيل الله

تحرير: محمد عبدالشڪور

عيدالفطر کانپوءِ سڄي مسلم اُمَه عيدالضحى جي تيارين ۾ لڳي ويندي آهي، قربانيءَ جي عيد هڪ طرف الله جي رضا جو سبب بڻجي ٿي ته وري ٻئي پاسي ڪروڙين غريبن ۽ مستحق ماڻهن لاءِ جيڪي گوشت خريد ڪرڻ جي سگهه نه ٿا رکن تن لاءِ خوشيءَ جو سبب پڻ بڻجي ٿي ۽ انهن کي قربانيءَ جي صحت مند جانورن جو گوشت کائڻ لاءِ نصيب ٿئي ٿو،قرباني جو ڏينهن اهو ڏينهن آهي جڏهن حضرت ابراهيم هڪ خواب ڏٺو هو جنهن ۾ هو پنهنجي پُٽ اسماعيل کي ذبح ڪري رهيو آهي، هُن اهڙي خواب کي خدا جو حڪم سمجهي پنهنجي جگر جي ٽڪڙي کي ذبح  ڪرڻ جو ارادو ڪيو، هُن جيئن ڪاتي پنهنجي پُٽُ اسماعيل عليه السلام کي ذبع ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي ته کيس الله تعالى جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”اي ابراهيم ! اوهان پنهنجو واعدو سچ ڪري ڏيکاريو“. ان کانپوءِ انعام طور تي قربانيءَ لاءِ کيس هڪ دنبو عطا ڪيو ويو. قربانيءَ جي اهڙي جذبي الله تعالى وٽ اهڙي ته قبوليت ماڻي جو قيامت تائين هر مالوند عورت توڙي مرد فرض ڪئي وئي.

موجوده معاشي صورتحال ۽ قرباني

جنهن ملڪ ۾ ڪروڙين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندا هجن، ننڍڙا معصوم ٻار ٻن وقتن جي ماني کائي نه سگهندا هجن، انهن ملڪن ۾ اسلام جي قربانيءَ جي فلسفي کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو. قربانيءَ جي انهيءَ ڏينهن تي ڀائپي ۽ غريب نوازيءَ جا ڪيترائي اعلى مثال ڏسڻ ۾ ايندا آهن، اهڙا لکين ماڻهو جيڪي سڄو سال مانيءَ جي هڪ ويلي لاءِ سڪندا آهن، اهي به قربانيءَ جي ڏينهن تي پيٽ ڀري گوشت کائي سگهندا آهن.

هي مذهبي ڏڻ حقيقت ۾ معاشري جي انهن محروم طبقن لاءِ خوشيءَ جو پيغام آڻي ٿو.هن موقعي تي معاشري جا سرنديءَ وارا ماڻهو قربانيءَ جي سعادت حاصل ڪن ٿا ۽ نتيجي ۾ ڪنهن صحتمند جانور کي قربان ڪن ٿا، جنهن جي گوشت جا ٽي حصا ڪن ٿا جن مان هڪ حصو غريبن ۽ مسڪينن لاءِ مخصوص ڪيو وڃي ٿو. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ معاشري ۾ ڪيترائي فلاحي ادارا پڻ موجود آهن جيڪي منظم انداز ۾ قربانيءَ جي ان عمل کي سرانجام ڏين ٿا ۽ معاشري جي غريب ماڻهن تائين قربانيءَ جو گوشت پهچائين ٿا.

الخدمت فائونڊيشن جو قرباني في سبيل الله پراجيڪٽ

الخدمت فائونڊيشن پاڪستان ۾ سواءِ ڪنهن رنگ، نسل،  ذات پات ۽ مذهب جي بي سهارا ماڻهن جي خدمت ۾ مصروف آهي ۽ فلاحي ادارن ۾ هڪ نمايان نالو آهي. قرباني پراجيڪٽ الخدمت فائونڊيشن جي سماجي خدمتن جو حصو آهي جنهن تحت هر سال ملڪ جي ڏورانهن علائقن جي لکين ڪروڙين ماڻهن تائين قربانيءِ جو گوشت پهچايو وڃي ٿو جڏهن ته شهري علائقن ۾ بيواهن، نادار ۽ مسڪين ماڻهن تائين پڻ قربانيءَ جو گوشت پهچايو وڃي ٿو.

سلاٽر هائوسز ۾قرباني

جديد دور ۾ قربانيءَ جي عمل کي تيز ۽ آسان بنائڻ لاءِ سلاٽر هائوسز جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون وڃن ٿيون، جتي قربانيءَ جي جانورن کي وڏي پئماني تي ذبح ڪري انهن جو گوشت ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين پهچايو وڃي ٿو. ڪراچيءَ ۽ لاهور ۾ موجود ڪجهه جديد قسم جا سلاٽر هائوسز اهڙي قسم جون خدمتون سرانجام ڏيندا رهن ٿا، جن بعد قربانيءَ جي عمل کي آسان ۽ موثر بنائڻ لاءِ سلاٽر هائوسز جي اهميت ۾ اضافو ٿي ويو آهي. جڏهن ته الخدمت پاران قربانيءَ جي جوجانورن جو ريجن، ضلعي جي حوالي سان مرڪزي سطح تي ريڪارڊ رکيو ويندو آهي ۽ ان لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڊيسڪ قائم ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته جانورن جي گوشت جي ورهاست ۽ رپورٽنگ جو پڻ انتظام ڪيو ويندو آهي.

پرڏيهه ۾ ٿيل قرباني

الخدمت فائونڊيشن کي قربانيءَ جي گوشت جو هڪ وڏو حصو پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪيل قربانين جي صورت ۾ پڻ ملندو آهي. پاڪستان ۽ ٽِين دنيا جي ابتڙ آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ جتي قربانيءَ جو جانور خريد ڪرڻ، ان کي پنهنجي گهر آڻڻ، ان جي قرباني ڪرڻ جو عمل انتهائي ڏکيو آهي، جڏهن ته جانورن جي حوالي سان انهن ملڪن جا قانون پڻ سخت آهن ته اهڙين صورت ۾ آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ رهندڙ ملسمان قربانيءَ جي جانور جي رقم الخدمت ۽ اهڙي ٻين تنظيمن کي موڪلين ٿا جيڪي انهن جي حصي جي قرباني ڪري ان جو گوشت ملڪ جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن تائين پهچڻ جو انتظام ڪن ٿا ڪجهه اهڙا به سرنديءَ وارا آهن جيڪي پنهنجي قربانيءَ جو حصو ملڪ جي آفت سٽيل علائقن جي ماڻهن لاءِ مخصوص ڪرڻ گهرندا آهن يا وري انهن جي خواهش هوندي آهي ته هڪ بجاءِ ٻه قربانيون ڪن اهڙي سرنديءَ وارا ماڻهو به الخدمت سان رابطو ڪندا آهن. الخدمت فائونڊيشن جو سڄي ملڪ ۾ نيٽ ورڪ جوڙيل آهي جنهن جي معرفت الخدمت جا رضا ڪار پرڏيهه مان آيل قربانيءَ جو گوشت پڻ سموري ملڪ سميت  ملڪ جي آفت سٽيل علائقن، زلزلي آيل علائقن، ٿرپارڪر، ( اڳوڻو) فاٽا ، گلگت بلتستان، آزد ڪمشير، خيبرپختونخواهه، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان تائين پهچائڻ جا انتظام ڪندا آهن. گذريل سال عيد الضحى جي موقعي تي الخدمت فائونڊيشن 3965 وڏا جانور ۽ 2543 ننڍا جانور قربان ڪيا جن مان مجموعي طور تي 2 لک 19 هزار خاندان مستفيد ٿيا.

روهينگيا ۽ شامي مهاجرين کي قربانيءَ جو گوشت

شام ۾ ٿيندڙ گهرو ويڙهه ۽  ميانمار ۾ روهنگيا مسلمانن تي جاري ظلمن ڪري لکين روهنگيا مسلمان مهاجر بڻجي ترڪي ۽ بنگلاديش هجرت ڪري پهتا ۽ اتي انتهائي ڪسمپرسيءَ ُواري زندگي گذارڻ لڳا اهڙي صورت ۾ اهو اسان تي فرض آهي ته انهن ڀينرن ۽ ڀائرن جي خدمت ڪريون ۽ انهن کي به عيد جي خوشين ۾ شامل ڪيون. الخدمت فائونڊيشن گذريل ڪجهه سالن کان شام ۽ روهنگيا مسلمانن لاءِ قرباني في سبيل الله جو ڪم جاري رکيو آهي ۽ مجموعي طور تي 550 جانور گذريل سال ئي قربان ڪيا هيا. هن سال به شامي، روهنگيا ۽ فلسطيني مسلمانن کي قربانيءَ جو گوشت پهچائڻ لاءِ اهتمام ڪيو ويو آهي.

 قربانيءَ جون کلون

الخدمت فائونڊيشن قربانيءَ جون کلون حاصل ڪندڙ سڀ کان وڏو ادارو آهي، قربانيءَ جوي حاصل ٿيندڙ کلن مان جيڪا به رقم حاصل ٿيندي آهي اها رقم الخدمت فائونڊيشن پاران سڄو سال جاري رهندڙ  فلاحي ڪمن جهڙوڪ اسپتالن، اسڪولن، بيواهن ۾ راشن جي ورهاست، پوئتي پيل علائقن جي شاگردن کي ڪتابن ۽ تعليمي خرچي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ کوهن جي کوٽائيءَ ۽ اهڙن ٻين ڪمن لاءِ ڪتب آندي ويندي آهي.

ڪورونا هڪ عالمي وبا

هن سال سڄي دنيا ۾ ڪورونا ڪري غريب عوام انتهائي مالي مسئلن جي ور چڙهي ويو، ڇو جو ڪوروناجي  ڪري ڪارخانا ۽ ڪمائيءَ جي ٻيا سمورا ذريعا بند ٿي ويا، جنهن جي ڪري روز ڪمائڻ ۽ روز کائڻ وارا غريب ماڻهو ۽ انهن جا خاندان سخت متاثر ٿيا، الخدمت فائونڊيشن اهڙي صورتحال ۾ اهڙن هزارين خاندانن تائين راشن پهچائڻ جو بندوبست ڪيو جيڪي بک تي زندگي گذاري رهيا هيا ۽ معاشري ۾ حقيقي طور تي حقدار هيا، اهڙن حقدارن ۾ بيواهون، گهٽ آمدنيءَ وارا ماڻهو۽ بي روزگارن سميت اهڙا به هزارين سفيد پوش گهراڻا شامل هيا جيڪي حضور شرم هوندي ڪنهن کان مدد طلب ڪري نه پئي سگهيا.

قرباني ۽ اسان جي گڏيل ذميواري

آباديءَ ۾ واڌ ڪري سڄي دنيا ۾ معاشي مسئلا وڌي رهيا آهن، جڏهن ته ڪورونا اهڙي صورتحال کي انتهائي سنگين ڪري ڇڏيو آهي، سموري دنيا اهڙي بحران مان نڪرڻ لاءِ سرٽوڙ ڪوشش ڪري رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ دنيا جي ڪنهن به سرڪار لاءِ اهو ممڪن ئي نه رهيو ته هو پنهنجي عوام جا مسئلا هن مشڪل گهڙي ۾ حل ڪري سگهي تنهنڪري پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ الخدمت جهڙين تنظيمن اڳتي وڌي هڪ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان ۾ پڻ الخدمت اهڙي خدمت سرانجام ڏني. عيد الضحى جي هن موقعي تي الخدمت فائونڊيشن پاران اسان پرڏيهه ۾ رهي پاڪستان جي خدمت ڪندڙ پنهنجن ڀائرن کي پڻ اها ئي گذارش ڪنداسين ته هو اڳتي وڌي هن قربانيءَ جي عيد تي به الخدمت فائونڊيشن جو ساٿ ڏين. سندن اهڙي عمل سان هڪ ته پاڪستان ۾ غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ ماڻهن کي ڪجهه راحت ملي سگهندي ۽ ان سان گڏوگڏ ملڪ کي پرڏيهي مٽا سٽا وارو ناڻو پڻ وصول ٿيندوجنهن جي ملڪ کي سخت ضرورت آهي. الخدمت فائونڊيشن ملڪ جي غريب عوام جي خدمت پنهنجي وسيع تر نيٽ ورڪ ذريعي ڪري ٿي جنهن کي ملڪ جي لکين ڪروڙين عوام جو اعتماد حاصل آهي ۽ الخدمت ملڪ جي لکين ۽ ڪروڙين غريب ۽ مستحق ماڻهن جو سهارو بڻيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.