طالبان منهنجي شهر تي قبضو ڪري ورتو ته مونکي نه ڇڏيندا: صحافي

ڪابل ( م ڊ ) افغانستان جي گادي واري هنڌڪابل  جي بازارن ۾ زندگي ايئن ئي آهي، جيئن  ويجهڙ ۾ طالبان پاران ڪيل پيش قدمي کان اڳ هئي، پر اتي رهندڙ ئي ڄاڻن ٿا ته ان سرگرم زندگي ۾خوف ۽ مستقبل جا خدشا ملي چڪا آهن،بي بي سي موجب  ڪابل جي مرڪزي بازار کان پري پوش علائقي ۾ چانهه ۽ ڪافي شاپ آهن، اتي اهي ئي نوجوان اچن ٿاجيڪي کائڻ پيئڻ جي حيثيت رکن ٿا، طالبان جي 1996 ع ۾ ڪيل قبضي کان ويندي 2001 تائين اهڙي زندگي اختيار ڪرڻ ناممڪن هو، اتي ايندڙ هڪ نوجوان عورت جو چوڻ هو ته  اسان هاڻ هتي جلدي ۾ هجون ٿا، ڪيفي اچون ٿا، دوستن سان ملون ٿا ۽ پوءِ اسان کي گهر وڃڻ جي جلدي هوندي آهي، پوش علائقي جي رهڻي ڪهڻي کي طالبان مغربي زندگي سمجهن ٿا. پوش علائقي کان پري مرڪزي بازار ۾به زندگي معمول موجب آهي پر ماڻهن کي خوف آهي ۽ هو روزگار گهٽجي وڃڻ تي  پريشاني جو شڪار آهن، مزدر طبقو پرڏيهين جي وڃڻ سبب  روزگار لاءِ پريشان آهن،  هڪ صحافي جنهن جو فرضي نالو گل محمد آهي  افغانستان ۾ 8 سالن کان صحافتي ذميواريون انجام ڏئي رهيو آهي، هو جرمن فوج جي امداد سان هلندڙ صحافتي اداري ۾ ڪم ڪري رهيو هو، جون جي شروع ۾ هن جي نوڪري ان وقت  ختم ٿي وئي جڏهن پرڏيهي فو ج جو نڪرڻ شرع ٿيو، ٽن ٻارڙن جي پيءُ گل محمد جو چوڻ هو ته جيڪڏهن طالبان منهنجي شهر تي قبضو ڪري ورتو ته مونکي نه ڇڏيندا، طالبان ملڪ جي اتر ۾ گل محمد جي شهر کي ويجهو پهچي ويا آهن.، هو ٻڌائي ٿو ته روڊ رستا ويران آهن جيڪي ڪنهن وڏي طوفان جو اهڃاڻ آهن، هن چيو ته اسان طالبان تي سخت تنقيد ڪئي هئي، افغانستان ۾ ماڻهو خوف ۾ ورتل آهن ۽ ملڪ مان نڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن، ڪي انساني اسمگلرن ذريعي ايجنٽن کي پئسا ڏئي غير قانوني  طريقي وڃي رهيا آهن ته ڪي  ويزا لاءِ يورپي ملڪن جي سفارتخانن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.