رنگ روڊ اسڪينڊل ۾ ذلفي بخاري غلام سرور آجا، اڳوڻو ڪمشنر گرفتار

راولپنڊي(م ڊ) راولپنڊي رنگ روڊ اسڪينڊل ۾ ذلفي بخاري ۽ وفاقي وزير غلام سرور خان کي صاف رستو ڏنو ويو آهي، جڏهن  ته اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي ڪيپٽن ريٽائرڊ محمد محمود کي گرفتار ڪيو ويو. ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن اختيارين اڳوڻي ڪمشنر محمد محمود کي گرفتار ڪري ورتو. ذريعن ٻڌايو ته رنگ روڊ اسڪينڊل ۾ اڳوڻي ڪمشنر جو ڪردار آڏو آيو ۽ اينٽي ڪرپشن اختيارين شاهديون ملڻ تي ئي اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي کي گرفتار ڪيو. ذريعن موجب رنگ روڊ اسڪينڊل جي هڪ ٻئي ڪردار لينڊ ايڪوزيشن ڪمشنر وسيم تابش کي به گرفتار ڪيو ويو. رنگ روڊ اسڪينڊل جي جاچ رپورٽ وزير اعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.