ڪراچي ۾ ڦر جون وارداتون، مزاحمت تي 4 ڄڻا زخمي

ڪراچي ( رپورٽر )ڪراچي جي مختلف علائقن اورنگي، گلشن معمار ،سهراب ڳوٺ، ڪورنگي ۾ ڦورن چئن ڄڻن کي فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته ناظم آباد ۾ جهيڙي دوران ڇرين جي وار سان نوجوان زخمي ٿي پيواورنگي ٽائون ۾ خير آباد زيبو ڳوٺ جي ويجھو ڦورن جي فائرنگ ڪري 29 سالن جي نوجوان محمد رفيق ولد محمد يوسف کي زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ال آصف اسڪوائر ندي جي ويجهو ڦورون فائرنگ ڪري 17 سالن جي نوجوان عدنان ولد رمضان کي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي علاج لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ٻئي طرف گلشن معمار جي علائقي احسن آباد ۾ نامعلوم جوابدارن ڦڙ لٽ دوران مزاحمت تي دوڪاندار 15 سالن جي نوجوان عارف ولد صاحب کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا زخمي دوڪاندار 15 سالن جي نوجوان کي علاج لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته رضويه جي علائقي ناظم آباد ۾ جهيڙي دوران ڇري جي وار سان 26 سالن جو نوجوان محمد طاهر زخمي ٿي پيو جنهن علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو  ،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.