ڪراچي ۾ شڪارپور واسي نوجوان ۽ عورت قتل

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ايوب ڳوٺ ۽ نور خان ڳوٺ جمع بازار ويجهو گهر مان عورت ۽ هڪ مرد جو لاش برآمد ٻنهي کي نامعلوم جوابدار فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي جنهن جي سڃاڻپ غلام رسول بخش ولد ڪيار طور ٿي  آهي جنهن جي عمر 40 سال ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته عورت جي سڃاڻپ شاھده زال گل بير طور ٿي آهي جنهن جي عمر 35 سال ٻڌائي پئي وڃي جتي فائرنگ  ڪئي وئي آهي اهو مقتولا شاھده جو گهر آهي  مقتول رسول بخش جانورن جو واپاري ۽ شادي شده هو جنهن جون 2 شاديون ٿيل هيون جن مان کيس چار ٻارن جو اولاد پڻ آهي مقتول جو تعلق شڪارپور سان آهي پوليس موجب مقتول ۽ مقتولا شاھده ٻئي هڪ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندا هئا جتي هنن جي پاڻ ۾ دوستي ٿي مقتولا جو مڙس پوليس جي سامهون نه آيو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي طور تي هي واقعو غيرت جي نالي تي پيش آيو آهي پوليس پاران واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.