سنڌ ۾ هن وقت افغانين جو وڏو خطرو آهي:نياز ڪالاڻي

مٽياري(ڊ ر)جسقم اڳوڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي مٽياري پھچي ضلعي اڳواڻ مرتضا کوسو سان سندس ڀيڻ جي وفات تي تعزيت ڪئي  جسقم مرڪزي اڳواڻ   پنھل ساريو ،  نور محمد ڀينڊو ،  رشيد ڏيٿو ،  رياض احمد به ساڻس گڏ ھئا تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي جسقم اڳواڻ جو چوڻ ھو ته  سنڌ ھن وقت بگھڙن جي گھيري ۾ آھي چئني طرفن کان سنڌ خلاف سازشون ٿي رھيون آھن ان ڪري ھن وقت ھر سنڌي کي اڳيان اچي سنڌ جي حفاظت لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جسقم اڳواڻ جو چوڻ ھو ته  سنڌ مٿان ھن وقت جيڪو سڀ کان وڏو خطرو آھي اھو افغاني پٺاڻن جو آھي جيڪي ھن وقت باڊر تي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار بيٺل آھن اڳي ئي سنڌ ڌارين کي ڀوڳي رھي آھي ٻيو مسئلو پاڻي جو آھي پنجاب سنڌ جي پاڻي تي مسلسل راتاھا ھڻي رھيو آھي روز روز پنجاب ۾ ڪئنال ٺاھيا پيا وڃن بحرياٽائون ۽ ڊي ايڇ اي جھڙا ميگا منصوبہ سنڌ مٿان مسلط ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.