شاهپورچاڪر ڀرسان پراڻي دشمني تان همراهه قتل

شاهپور چاڪر(ن ع آ ) شاهپور چاڪر ڀرسان ٻرھون جي ڳوٺ سلطان ڀاڻوجو ۾ 50 ورھين جو زر خان بگٽي ۽ سندس زال ٻني مان گاھ ڪري   چنگچي رڪشا تي واپس اچي  گھر اچي رھيا ھئا  ته   درگاھ اسماعيل شاھ وٽ  50 ورھين جي زر خان بگٽي کي ذاتي دشمني جي بنياد تي نامعلوم ھٿيار بندن سڌا فائر ڪري تڏي قتل ڪري ڇڏيو ۽ جوابدار فرار ٿي وڃڻ ڪامياب ٿي ويا اھڙو اطلاع ملڻ تي  شاه پور چاڪر پوليس پهتي، شاھپورچاڪر پوليس جون قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ مختلف ھنڌن تي ڪاروايون آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.