ڏکڻ آفريڪا ۾ اڳوڻي صدرجيڪب زوما جي گرفتاري کان پوءِ وڳوڙ،72 ڄڻا مارجي ويا

جوهانسبرگ(م ڊ) ڏکڻ افريڪا ۾ اڳوڻو صدر جيڪب  زوما کي جيل موڪلڻ تي سڄي ملڪ ۾ جاري فسادن ۾ فوتگين جو انگ 72 ٿي ويو آهي جڏهن ته هڪ هزار 234 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي . فرانس جي خابرو اداري پوليس جي بيان جو حوالو ڏيندي چيو ته اڳوڻو صدر جيڪب زوما کي ڪرپشن جي ڏوهه ۾ عدالت 15 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي جنهن کانپوءَ ان جي سزا خلاف احتجاج جاري آهي احتجاج ۾ فوتگين جو انگ 72 ٿي وئي آهي. فوتگين ۾ وڌيڪ انگ ڦر لٽ دوران ڀڄندڙن جو آهي مظاهرو ڪندڙن سڄي ملڪ ۾ شاپنگ سينٽرن هولٽن پيٽرول پمپس کي ڦر لٽ ڪئي .

وزيراعظم آڏو گم ٿيل ماڻهن بابت اشو اٿاريو ويو

اسلام آباد (م ڊ)وزيراعظم عمران خان سان انساني  حقن واري وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري ۽ ڊفينس آف هيومن رائيٽس جي چيئرپرسن آمنه مسعود جنجوعه ڪالهه اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته پارلياماني ڪميٽي ۾ ان حوالي سان موجود بل کي پڻ جلد ئي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم ڊاڪٽر شيرين مزاري جي سربراهي ۾ وزارت جي انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.