ڪراچي ۾ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي موت جي سزا

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي ماڊل ٽرائيل ڪورٽ ٻار جي حوالگي جي تڪرار تان جوابدار  سهيل تي منور نالي شهري کي قتل ڪرڻ جو  ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. عدالت جوابدار کي 10 لک رپيا ڏنڊ جي پڻ سزا ٻڌائي آهي ۽ ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ 6 مهينا وڌيڪ سزا ڀوڳڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت اهڙو حڪم  ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار ٻارڙي جي حوالگي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخ ڪئي هئي ۽ عدالتي حڪم تي جوابدار کي پوليس موبائل ۾ ٻارڙي کي ڳولڻ لاءِ نڪتاسين جوابدار ٽوزر ٽاور نيو ٽائون جو پتو ٻڌايو هو ۽ پوليس موبائل جيئن ئي ٽوزر ٽاور پهتي ته مقتول منور بلڊنگ جي هيٺ بيٺل هو جوابدار جيئن ئي منور کي ڏٺو ته پنهنجي جيڪيٽ مان پستول ڪڍي مٿس چار فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو جنهن جي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جوابدار خلاف نيو ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي جنهن تي عدالت جوابدار تي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.