سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 26 مريض فوت، 1420 نوان ڪيس

ڪراچي(رپورٽر) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 26 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جي تعداد 5647 ٿي وئي آهي جڏهن  ته 16528 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1420 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري بيان ۾ ٻڌائي وئي، هن وڌيڪ چيو ته ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 26 مريض پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا ۽ فوتين جي تعداد 5647 ٿي وئي جيڪا 1،6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي، مراد علي شاهه چيو ته 16528 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 1420 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 8،6 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن وڏي وزير چيو ته هن وقت 26546 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 25604 گهرن ۾، 877 مختلف اسپتالن ۾ ۽ 65 مريض آئسوليشن سينٽرن ۾ آهن، هن وڌيڪ چيو ته 817 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي بيان موجب 1420 ڪيسن مان 1134 ڪراچي جا  آهن جن ۾ ضلع اوڀر 334، ضلع سينٽرل 275، ضلع ڏکڻ 235، ضلع ڪورنگي 123، ضلع ملير 91 ۽ ضلع اولهه 76 شامل آهن، حيدرآباد 60، سکر 33، ڄامشورو 26، شهيد بينظير آباد 24، ٿرپارڪر 14، ٺٽو ۽ نوشهروفيروز 12-12، بدين، سجاول، ٽنڊوالهيار ۽ ميرپورخاص 11-11، سانگهڙ 10، مٽياري 9، عمرڪوٽ 7، گهوٽڪي 3، دادو ۽ لاڙڪاڻو 2-2، ڪشمور ۽ شڪارپور 1-1 ڪيس آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.