ڪراچي ۾ پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بيماري نگليريا سبب 6 ماڻهو فوت

ڪراچي:ڪراچي  ۾ پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بيماري نگليريا سبب هيل تائين 6 ماڻهو فوت ٿيا آهن جن مان 5 جو ڪراچي ۽ هڪ جو بلوچستان سان تعلق آهي.ڊاڪٽرن 6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي خدشو ڏيکاريو آهي ته ان بيماري سبب فوتين جو اصل تعداد رپورٽ ٿيل تعداد کان وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو. اربع ڏينهن پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي ايم اي) جي عهديدارن مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ايس ايم قيصر سجاد ۽ ٻين پي ايم اي هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بدقسمتي سان اسان جي ڪل آبادي جو وڏو حصو صاف پاڻي کان محروم آهي.ماڻهو گدلو پاڻي پيئڻ ۽ استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن جنهن سبب مختلف بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن.جن ۾ ٽائيفائيڊ،گيسٽرو انٽرائيٽس ،هيپاٽائيٽس، هيضو شامل آهن جڏهن ته انهيءَ گدلي پاڻي ۾ نگليريا جو سبب بنجندڙ نگليريا فائولري اميبا به موجود آهي جيڪو نڪ رستي دماغ ۾ داخل ٿي دماغ جي سامهون واري حصي کي کائڻ شروع ڪندو آهي جنهن سان متاثر شخص نگليريا جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي ۽ مريض آخر مري ويندو آهي. پي ايم اي عهديدارن دعويَ ڪئي ته نگليريا جا ڪيس ڪراچي جي حدن ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي سپلاءِ ٿيندڙ پاڻي مان پيدا ٿيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.