گنڊا پور جي ڪا به حيثيت ناهي: سهيل انور سيال

دادو( رپوٽ: عزيز احمد ملڪ)دادو ۾ سنڌ جي آبپاشي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گنڊاپور جي ڪا حيثيت ناهي جو هو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙ ۽ متفقه آئين ڏيندڙ کي  غدار چوي، جيڪڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غدار آهي ته پوءِ محب وطن ڪير آهي؟ پوءِ مان به پاڪستان جو غدار آهيان، چيئرمين بلاول ڀٽو به غدار آهي، وزير اعلي’ مراد علي شاهه به غدار آهي، شهيد بينظير ڀٽو به غدار هئي ۽ سڄو پاڪستان غدار آهي گنڊا پور پاڻ ڪڏهن شراب جي بوتلن سان پڪڙجي ٿو ته ڪڏهن رستن تي ڊوڙندو وتي ٿو،  سنڌ جي آبپاشي وزير چيو ته ارسا سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي ٽي پي لنڪ ڪينال ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي اعتراض باوجود 7300 ڪيوسڪ پاڻي کولي ڇڏيو آهي جڏهن ته سنڌ سوڪهڙي جو شڪار آهي اسان وٽ پيئڻ جو پاڻي ناهي،  هن چيو ته ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي ڪالهه به خط لکيو آهي ته اسان کي حصي جو پاڻي ڏيو ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 5000 هزار ڪيوسڪ پاڻي عالمي سروي مطابق ڇوڙ ڪرڻو آهي پر ارسا پنهنجي هٺ ڌرمي تي قائم آهي،  هن چيو ته امڪاني ٻوڏ جي صورتحال بابت دادو جي ايل ايس بچاء بند ۽ ٻين بندن جو جائزو ورتو آهي ٻوڏ جو في الحال ڪو خطرو ناهي ان باوجود آبپاشي کاتي جي ڳري مشينري ۽ لانڍيون بندن تي قائم ڪيون ويون آهن جئين صورتحال کي منهن ڏيئي سگهجي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.