ڀٽ شاهه مان اغوا ٿيل هندو واپاري بازياب نه ٿيو، احتجاج

ڀٽ شاھ (رپورٽ ارشاد علي ٻگھيو) ڀٽ شاھ مان گذريل ٻه  ڏينھن اڳ اغوا ٿيل ھندو واپاري واسو مل ھٿيار بندن ھٿان اغوا جسقم اڳواڻ  ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ فنڪشنل ليگ اڳواڻ مخدوم محسن مغوي جي وارثن وٽ پھچي ساڻن سان ھر حال ۾ ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو مختلف شهرن ۾ سندس بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو پيو وڃي، جڏھن ته ھندو برادري سان يڪجھتي ۽ ساڻن ھر مسئلي تي گڏ بيھڻ لاءِ سياسي سماجي توڙي قوم پرست پارٽين جا اڳواڻ ڀٽ پھچي مغوي جي بازيابي جي لاءِ سندن مائٽن وٽ پھتا جنھن ۾ جسقم وس رشيد ڏيٿو سردار اياز ميمڻ ۽ ٻين پھچي ساڻن ھر وقت گڏ رھڻ ۽ مغوي جي بازيابي تائين ساٿ  ڏيڻ جو وچن ڪيو ان موقعي ھنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھندو برادري سان ٿيندڙ سنڌ اندر زيادتيون برداشت نه ڪيون وينديون ڇاڪاڻ جو ھندو برادري سنڌ جو حصو آھن ۽ صدين کان آباد آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.