ڪوهستان ۾ حملو، 9 چيني انجنيئرن ۽ اهلڪارن سميت 13 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪوهستان(م ڊ) داسو ڊيم تي ڪم ڪندڙ ڪمپني جي بس حادثي جو شڪار ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 9 چيني انجنيئرن ۽ ٻن ايف سي اهلڪارن سوڌو 13 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. اپر ڪوهستان ۾ داسو ڊيم جي ملازمن کي کڻي ويندڙ بس حادثي جو شڪار ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾  13 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 39 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڊي پي او اپر ڪوهستان ٻڌايو ته حادثي جا سبب آڏو ناهن آيا پر حادثي ۾ 13 ڄڻن جي موت جي تصديق ٿي وئي آهي جنهن ۾ 9 چائنيز ۽ 2 مقامي مزدور به شامل آهن، جڏهن ته اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته زخمين مان  7 ڄڻن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جون ٽيمون پهچي ويون ۽ لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته واقعي واري جاءِ کي ٻين سيڪيورٽي اهلڪارن جي مدد سان سيل ڪيو ويو آهي. خانگي ٽي وي چينل سان پنهنجي خاص ڳالهه ٻولهه ۾ ڊپٽي ڪمشنر عارف خان يوسفزئي جو چوڻ هو ته ڪوسٽر گاڏي ۾ 41 ڄڻا سوار هئا، حادثي ۾ 9 چيني شهرين سميت 13 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن ۾ ٻه ايف سي جا جوان ۽ 2 مقامي مزدور به شامل آهن. جاچ مڪمل ٿيڻ تي سبب ٻڌائي سگهبا، المناڪ واقعي جي جاچ جاري آهي، جاچ کان اڳ واقعي کي حملو يا دهشتگردي سان نٿو سلهاڙي سگهجي. ٻئي پاسي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ٿيل وضاحتي بيان ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه ۾ چيني شهرين کي کڻي ويندڙ بس مڪينيڪل خرابي جي ڪري کاهيءَ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 9 چيني شهرين ۽ 3 پاڪستانين سميت 13 ڄڻا حياتي جي جنگ هارائي ويٺا.چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان زائو ليجيان هفتيوار ميڊيا بريفنگ دوران حادثي بابت پڇيل سوالن جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان سان بس حادثي ۾ چيني شهرين جي فوتگين جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستان چيني شهرين، ڪمپنين، پروجيڪٽس ۽ ادارن جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. چيني سفارتخاني پنهنجي بيان ۾ چيو ته 14 جولاءِ جي صبح 7 وڳي داسو پاور پراجيڪٽ جي بس تي بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 9 چيني شهري ۽ ٻيا پاڪستاني شهري فوت ٿي ويا. چيني سفارتخاني هنگامي بنيادن تي پاڪستاني پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪيو آهي. پاڪستاني فوج فوري طور تي ريسڪيو آپريشن ڪندي هيلي ڪاپٽر جي ذريعي زخمين کي حادثي واري جاءِ تان ڪڍيو، چين حادثي جي حوالي سان پاڪستان سان مڪمل سهڪار ڪندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.