پيٽرول 11 رپيا في لٽر مهانگو ڪرڻ جي سفارش

اسلام آباد (م ڊ ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي تيل اگهن ۾ واڌ جي سمري پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي ڇڏي آهي،  ميڊيا رپورٽن موجب سمري ۾ پيٽرول جو اگهه 11 رپيا في لٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 2 رپيا 40 پئسا في لٽر واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي، گاسليٽ جو اگهه ڏيڍ رپيو لٽر وڌائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، لائٽ ڊيزل هڪ رپيو 40 پئسا مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، تيل جي اگهن ۾ واڌ جو حتمي فيصلو وزير اعظم جي مشاورت بعد ڪيو ويندو، عمل 16 جولاءِ کان ٿيندو، 30 جون تي به پيٽرول 2 رپيا مهانگو ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.