بحريا ٽائون ڪيس: ننڍي ڄمار جي جوابدارن سميت 7 ڄڻن جي ضمانت

ڪراچي ( رپورٽر) دهشتگردي جي انت واري عدالت بحريه ٽائون ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ ملڪ خلاف بغاوت ڪرڻ وارن ٽن ڪيسن ۾ گرفتار  ڪيل 5 ننڍي عمر جي جوابدارن سميت 7 ڄڻن جي 20- 20 هزار رپين جي ضمانت منظور ڪندي کين  فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم گل محمد، رميز حسين، ابرار، طارق حسين، عادل حسين، عابد علي ۽ ٻين پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت قومي ڪارڪنن جي ٽن ايف آءِ آرز 247، 248 ۽ 249 ۾ ضمانت منظور ڪئي. عدالت ڪارڪنن کي 20-20 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو. داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڄاڻايل جوابدار ڪنهن به هنگامي يا غير قانوني سرگرمي ۾ ملوث ناهن. اهي جمهوري حق استعمال ڪندي پر امن احتجاج ڪري رهيا هئا پر پوليس ڪريڪ ڊائون ڪري کين گرفتار ڪرڻ بعد سندن خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.