داسو ڌماڪي ۽ بس کاهي ۾ ڪرڻ جي جاچ جاري آهي: شاهه محمود

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم ايس سي او خطي جي جيو اڪنامڪس جي حقيقي  صلاحيت جي دروازي کولڻ جي ڪنجي آهي. فضائي زميني ۽ سامونڊي رابطن کي ترقي ڏيڻ سان ئي ايس سي او جي اجتماعي سوچ مستفيد ٿي سگهجي ٿو. پاڪستان اڳ وانگر هاڻ به امن جو شراڪتدار آهي. افغانستان ۾ دائمي امن ۽ استحڪام جي ڪوششن کي هٿي وٺائڻ لاءِ ايس سي او جي ميمبر ملڪن سان ڪم ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهيون، هن  چيو ته افغانستان ۾ امن استحڪام ايس سي او فضا ۾ علائقائي سلامتي تي انتهائي اهم اثر پيل آهن. هڪ گڏيل زميداري طور تي پاڪستان امن عمل ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو ته جيئن ڳالهين ذريعي جامع اجتماعي ۽ وسيع بنيادي سياسي حل کي جيڪو افغان قيادت ۾ افغان کي قبول هجي آمريڪا ۽ نيٽو فوجن جي افغانستان مان نيڪالي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل صورتحال ۽ امن سمجهوتي جي عدم موجودگي ۾ انتهائي باعث تشويش عمل آهي. هوڏانهن شاهه محمود قريشي دوشنبي ۾ چيني پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي، هن چيو ته داسو ڌماڪي ۽ بس کاهي ۾ ڪرڻ جي جاچ جاري آهي، پاڪستان ۽ چين ۾ لاڳاپا مضبوط آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.