افغان حڪومت طالبان سان ڳالهيون ڪري: روس

دوشنبي(م ڊ) افغانستان لاءِ روس جي اعليٰ عهديدار افغان حڪومت تي منافقت جو الزام هڻندي چيو آهي ته ملڪ جي مستقبل لاءِ  طالبان سان باقاعده ڳالهيون شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان کان اڳ جو گهڻي دير ٿي وڃي، افغانستان لاءَ روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي خاص نمائندي ضمير ڪبولوف تاجڪستان ۾ افغانستان جي حوالي سان خبردار ڪيو ته افغان مسئلي جو حل ڳالهيون آهن،  هن چيو ته افغان حڪومت ڳالهين جي معاملي تي رڳو لب ڪشائي کان ڪم پئي وٺي جيڪو ڪافي ناهي، هن چيو ته آمريڪي ۽ نيٽو فورسز جي نيڪالي سان طالبان کي فائدو ٿيو آهي، روس ۽ ٻيون علائقائي طاقتون افغانستان ۾ عبوري حڪومت جون حامي آهن، هوڏانهن چين  آمريڪي ۽ نيٽو  فوجن جي نيڪالي بابت چيو ته ملڪ کي اهو نئون موقعو مليو آهي ته پنهنجي تقدير پنهنجي هٿ سان پاڻ بڻائن جڏهن ته طالبان کان مطالبو ڪيو ته اهي دهشتگردن سان سمورا لاڳاپا ختم ڪري ڇڏين هوڏانهن افغانستان چيو آهي ته جيڪڏهن  طالبان  سان ان جون ڳالهيون ناڪام ٿين ٿيون ته ضرورت پوڻ تي اهو ڀارت کان فوجي امداد طلب ڪري سگهي ٿو، نئين دهلي ۾ افغان سفير فريد ماموند زئي چيو ته افغانستان ۾ هن وقت حالتون گهڻيون خراب ٿي چڪيون آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.