نئين ديري ڀرسان ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، 2 زخمي

نئون ديرو(رپورٽ:ارشاد علي ميراڻي) نئون ديرو لڳ ڪچي ۾ هلندڙ ڀٽا – کهڙا تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ 2 زخمي، ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري، جهيڙي  ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 23 ٿي ويو،  خبر موجب نئون ديرو ڀرسان ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ ڀٽا – کهڙا خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو،  هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان طوطل ناريجو گوليون لڳڻ ڪري ٿڏي تي مارجي ويو جڏهن ته مقتول جو ڀاءُ مقيم ناريجو ۽ امير بخش ڀٽو زخمي ٿي پيا،  جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جي هٿياربند جديد هٿيارن جي مدد سان وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو،  اطلاع تي ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس ڪچي واري علائقي پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي نئون ديرو اسپتال پهچايو جتان زخمين کي طبي امداد ڏيارڻ بعد چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو ۽ مارجي ويل طوطل ناريجو جي لاش جو نئون ديرو اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،  اسپتال اندر داخل زخمي مقيم ناريجو صحافين کي ٻڌايو ته اسان ڪچي ۾ مينهون چاري رهيا هئاسين ته کهڙا ڌر جي هٿياربندن حملو ڪري سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ منهنجو ڀاءُ طوطل ٿڏي تي مارجي ويو ۽ اسان 2 ڄڻا زخمي ٿي پياسين،  هوڏانهن ڪيٽي ممتاز پوليس جو چوڻ هو ته ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي واري اطلاع تي اسان ڪچي ۾ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو جڏهن ته جوابدار فرار ٿي چڪا هئا وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو ۽ نه ئي جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.