ڀٽو کي غدار چوڻ تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ گوڙ، ڇا 90 هزار فوجي بچائيندڙ غدار آهي: پيپلز پارٽي

اسلام آباد (م ڊ) ذوالفقار ڀٽو کي غدار چوڻ تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ احتجاج ڪيو ويو، مخالف ڌر واڪ آئوٽ ڪري وئي. وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جي بيان تي سينيٽ ۾ اپوزيشن طرفان سخت احتجاج  ڪيو ويو. پ پ سينيٽر رضا رباني ايوان ۾ ”بدڪلامي جي سرڪار، غنڊاگردي جي سرڪار نه هلندي“ جا نعرا هنيا، پوءِ معذرت به ڪئي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو سڄي مسلم امت کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ هي ان کي غدار چئي رهيا آهن، هڪٻئي کي گهٽ وڌ چوندڙ سياست کي تباهي ڏانهن وٺي ويندا. مولا بخش چانڊيي چيو ته ڪالهه بدزبان حڪومت جي بدزبان وزير ڀٽو صاحب کي غدار چيو، اهي تڪرار جو نئون دَڳ کولي رهيا آهن. شيري رحمان چيو ته ڀُٽي ايٽمي پروگرام آندو ان لاءِ غدار آهي؟ وات هڻڻ جي حد هوندي آهي، اهي ڪير ٿيندا آهن غداريءَ جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ وارا. ن ليگ جي اعظم نذير تارڙ چيو ته حڪومتي وزير ڀُٽي، نواز شريف ۽ مريم نواز لاءِ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي، ان تي کيس شرم اچڻ گهرجي. قائد ايوان شهزاد وسيم جي تقرير دوران اپوزيشن گوڙ ۽ سخت احتجاج ڪيو. شهزاد وسيم چيو ته اپوزيشن جماعتن جي اعليٰ قيادت ڪشمير جي چونڊ جلسن ۾ نامناسب ٻولي استعمال ڪئي، اپوزيشن ميمبرن پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو ته حڪومتي سينيٽرن کي روڪڻ ڏکيو ٿي ويندو. اپوزيشن قيادت به پنهنجي نامناسب بيانن تي معافي وٺي، ايوان ۾ اُهي ماڻهو به ويٺا آهن، جِن قائد اعظم کي ڪافر قرار ڏنو هو، ڪير به کير جو ڌوتل ناهن.  سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي مخالف ڌر ميمبرن کي پنهنجي سيٽن تي ويهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اهو طريقو ٺيڪ ناهي، توهان کي جواب جو موقعو ڏنو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ پڻ احتجاج ڪيو ويو، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ميمبرز ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، نون ليگ ميمبرز جَي منٿن باوجود جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي واڪ آئوٽ نه ڪيو، ايوان ۾ خطاب دوران نويد قمر چيو ته قائد اعظم، علامه اقبال ۽ ذوالفقار ڀٽو جي خدمتن کا انڪار نٿو ڪري سگهجي، اهڙين شخصيتن بابت گٿا لفظ ڳالهائڻ پاڪستان ۽ پاڪستاني تاريخ جي بيحرمتي آهي، پي ٽي آءِ ايم اين اي راجا رياض پنهنجي ئي وفاقي وزير تي تنقيد ڪندي چيو ته جيئرن لاءِ جيئن وڻي ڳالهايو، شهيدن کي وچ ۾ نه آيو، شهيد ذوالفقار ڀٽو ملڪ ۽ قوم لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، نواز ليگ جي مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي ڦورو سڏيو ويندو ته اسان وزيراعظم کي به ڦورو سڏينداسين.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.