سنڌ جَي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن سان برسات، بجلي نظام درهم برهم

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ ڪالهه به سانوڻي جو وسڪارو وقفي وقفي سان جاري رهيو، ڪراچي جَي ڊفينس ، اورنگي ٽائون، صدر، برنس روڊ، ڪياماڙي، لياري ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات ٿي، نوابشاهه، سيوهڻ، قاضي احمد، ٻانڌي ۽ شاهپور چاڪر ۾ وسڪارو ٿيو، جنهن بعدگرمي جو زور ٽٽي ويو، نوابشاهه ۾ نوجوان روڊن تي نڪري آيا، جڏھن ته آبادگارن جي مُرجھايل چھرن تي مُرڪون موٽي آيون، سيوهڻ ۾ اڌ ڪلاڪ تائين برسات بعد شھر جا ھيٺيان علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا ۽ روڊ رستا تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا، شھر ۾ بجلي جو نظام درھم برھم ٿي ويو. سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه سمورن ڊي سيز کي پنهنجي علائقن ۾ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.