عامر خان جي دماغ جو معائنو ٿيڻ گهرجي: ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ايم ڪيو ايم عامر خان جي بيان بابت چيو آهي ته عامر خان جي  دماغ جو معائنو ٿيڻ گهرجي، عامر خان گورنر راڄ کي لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه ڪري پنهنجي ذهني ڪيفيت جو ثبوت ڏئي رهيو آهي، سيد ناصر حسين شاهه عامر خان جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته ايم ڪيو ايم کي جڏهن کان ڪراچي جي عوام رد ڪيو آهي هنن ماڻهن جي دماغي حالت ٺيڪ ناهي، سندس اِها دماغي حالت رد ٿيڻ سبب ناهي ٿي پر سندن گناهن جي سزا آهي، سيد ناصر حسين شاهه چيو ته عامر خان ڀٽو صاحب جي 1971ع واري بي بنياد ڳالهه کي اڄ ياد ڪري رهيا آهن، اِها ڳالهه ريڪارڊ تي آهي ته عباس اطهر مرحوم اِها ڳالهه واضح ڪئي هئي ته هيڏانهن توهان هوڏانهن اسان واري ڳالهه شهيد ڀٽو نه ڪئي هئي،هن عامر خان کي مخاطب ڪندي وڌيڪ چيو ته توهان مهرباني ڪري پنهنجي ذهني بيماري جو علاج ڪرايو ۽ نفرت جو چشمو لاهيو، ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته هنن جي پراڻي يادداشت واپس اچي وئي آهي، ايم ڪيو ايم کي ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان جي سلامتي جي خاطر ڪراچي جي عوام دهشتگردن مان جند ڇڏرائي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.