متحده سنڌ ۾ گورنر راڄ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر) ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ عامر خان چيو آهي ته سنڌ ۽ پاڪستان خلاف سازشون ٿي رهيون آهن، وفاقي  حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو وڃي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بهادرآباد مرڪز ۾ رابطا ڪميٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عامر خان سنڌ حڪومت جعلي اڪثريت سان وجود ۾ آئي آهي. سنڌ ۾ 30 کان 40 لک جعلي ووٽ داخل ڪيا ويا ۽ ووٽر لسٽ ۾ به ڌانڌلي ڪئي وئي، هن چيو ته جعلي طريقي سان داخل ڪيل ووٽ ڌانڌلي جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، ٻه ڏينهن اڳ وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) جي پريس ڪانفرنس ڳڻتي جوڳي آهي. عامر خان چيو ته سنڌ ۾ دهشتگردن جا به سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا ويا ۽ سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيل تي نوڪريون ڏنيون ويون. ايم ڪيو ايم اڳواڻن سنڌ ۾ فوري طور تي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته نادرا ۾ 50 سيڪڙو غيرقانوني ڀرتيون آهن. جڏهن ته لوڪل گورنمنٽ جي سيڪريٽري جي به جاچ ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته ڪراچي کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪڏهن وفاق ارڙهين ترميم ۾ تبديلي جي ڳالهه ڪري ٿو ته اسان سندن ساٿ ڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.