وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ اعجاز جکراڻي جي ضمانت منظور

اسلام آباد (م ڊ ) سپريم ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال بابت ڪيس ۾ صوبائي صلاحڪار  اعجاز جکراڻي جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.سپريم ڪورٽ اعجاز جکراڻي کي 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت نيب کي اعجاز جکراڻي کي سومر تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.اعجاز جکراڻي جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مقبول باقر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪئي. نيب ڪراچي ۽ سکر جون ٽيمون به سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ موجود هيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.