طالبان پاڪستاني سرحدن ويجهو جهنڊا هڻي ڇڏيا، باب دوستي گيٽ سيل

چمن/ قنڌار (م ڊ ) افغان طالبان افغانستان جي مختلف علائقن کان پوءِ چمن سان لاڳاپيل بابت دوستي گيٽ تي به قبضو ڪري ورتو  آهي، جنهن کان پوءِ پاڪستان طرفان پاڪ افغان سرحد سيل ڪئي وئي آهي ۽ سيڪيورٽي فورسز جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف طالبان افغانستان جي شهر اسپين بولدڪ بارڊر تي به قبضو ڪري ورتو آهي،  گذريل رات طالبان افغانستان جي سرحدي شهر بولدڪ ويش بارڊر تي حملو ڪيو هو. طالبان جي حملي کان پوءِ بولدڪ شهر سميت ڳوٺن، سرحدي چوڪين ۽ افغان اميگريشن تي به قبضو ڪيو ويو آهي. افغان فورسز جي پٺيان هٽڻ کان پوءِ ڪيترائي طالبان پاڪ افغان سرحد جي گيٽ باب دوستي تي پهتا ۽ مرڪزي دروازي تي پنهنجو جهنڊو ڦڙڪايو، ان حوالي سان طالبان طرفان وڊيوز به جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هو سرحدي گيٽ سان لاڳاپيل علائقي ۾ گشت ڪندي ۽ چوڪين تي جهنڊو ڦڙڪائيندي نظر اچي رهيا آهن. ان حوالي سان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد طرفان جاري ڪيل بيان ۾ به ان جي تصديق ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ترجمان جو چوڻ آهي ته طالبان هن وقت اسپين بولدڪ جو مڪمل ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. افغان طالبان پاڪستاني سرحد سان لاڳاپيل افغان علائقي ويش منڊي تي به قبضو ڪري ورتو آهي،هوڏانهن بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياالله لانگو چيو آهي ته مقامي انتظاميا کيس پاڪستان جي سرحدي شهر چمن سان لاڳاپيل علائقي ويش منڊي ۾ طالبان جي موجودگي جي حوالي سان آگاهه ڪيو آهي، بي بي سي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستاني سرحد جي ان پار ٿيندڙ ان نيئن اڳڀرائي کانپوءِ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ واقع سرحدي گذرگاهه ” باب دوستي“ کي هر قسم جي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان علائقي ۾ سيڪيورٽي کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي، طالبان جي ترجمان قاري يوسف احمدي بي بي سي پشتو کي ٻڌايو ته انهن ويش منڊي جي واپارين ۽ عوام کي خاطري ڪرائي آهي ته جلد ئي ان علائقي ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ واپار ۽ ٽريفڪ کي بحال ڪيو ويندو،مقامي صحافين کي ملندڙ ڪجهه وڊيوز ۾ ڪجهه ماڻهو طالبان پاران ٿيندڙ ان اڳڀرائي تي خوشي جو اظهار ڪندي به ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، هڪ وڊيو ۾ ماڻهو پاڻ ۾ ڳالهائيندي چئي رهيا آهن ته ڪاروان پهچي ويا، اڇي جهنڊي وارا اچي ويا آهن، افغان طالبان پاران بڻايل هڪ وڊيو ۾ هڪ شخص ڪجهه طالبان کي ” مجاهد“ چئي تعارف ڪرائي رهيو آهي ۽ پڇي ٿو ته “ هي ڪهڙو علائقو آهي جنهن تي هڪ هٿياربند ٻڌائي ٿو ته هي پاڪستان سان سرحدي علائقو آهي ۽ ان علائقي کي الله پاڪ گذريل رات 12 وڳي منافقن جي وجود کان پاڪ ڪيو آهي، ڊي ڊبليو موجب پاڪستاني سيڪيورٽي ذريعن اي ايف پي کي ٻڌايو ته باغين ان اهم سرحدي گذرگاهه تي قبضو ڪري ورتو آهي، نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي هڪ سيڪيورٽي اهلڪار ٻڌايو ته طالبان چمن اسپين بولدڪ سرحدي گذرگاهه جو افغان علائقو پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ انهن تي افغان جهنڊو هٽائي پنهنجو اڇو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.