شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او وٽ هڪ ڪروڙ جي گاڏي!

ڪراچي ( رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي شاھ لطيف  ٽائون ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو جي هڪ ڪروڙ ماليت جي گاڏي چوري ٿي وئي هئي جنهن جي ڪراچي پوليس ترجمان کي به آگاھ ڪيو ويو هو بعد ۾ ايس ايڇ او شاھ لطيف ٽائون نيڪ محمد کوسو ميڊيا سان به ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو ته گاڏي چوري نه ٿي آهي شورو وارا ڪم لاءِ کڻي ويا آهن ڪجهه گاڏي جو ڪم رهيل هو گاڏي ملي وئي آهي پر گاڏي چوري ئي ٿي هئي پر جڏهن ڪراچي پوليس چيف تائين ڳالھ پهتي ته ڊي آئي جي ايسٽ پاران جاچ جو حڪم ڏنو ۽ ان کان پوءِ پوليس موجب پوليس جا اعلي عملدار جاچ ڪري رهيا آهن ته هڪ 14 گريڊ جي آفيسر وٽ هڪ ڪروڙ ماليت جي گاڏي ڪٿان آئي جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ اها به جاچ ڪئي پئي وڃي ته 14 گريڊ جي پوليس آفيسر جي چوري ٿيل ريوو ۾ سرڪار هٿيار ڪهڙا پيل هئا ٻئي طرف ڊي آئي جي ايسٽ زون پاران معاملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو کي معطل ڪري ڇڏيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.