افغان ويڙهه جا سنڌ تي خراب اثر پوندا: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته  افغانستان جي گھرو ويڙھ جا پاڪستان ۽ سنڌ تي  خراب اثر پوندا، پاڪستان جون سرحدون فوري طور تي بند ڪيون وڃن پاڪستان ۾ ايندڙ غير قانوني پرڏيھين جي آخري منزل سنڌ آھي ۽ اھي گھمي ڦري ڪراچي پھچن ٿا۔ اياز لطيف پليجي چيو ته  سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي 40 لک افغاني غير قانوني شناختي ڪارڊ حاصل ڪري چڪا آھن۔ بنگالي، بھاري، برمي، ھندستاني ۽ ٻيا غير قانوني پرڏيھي سنڌ ۾ غير قانوني ويٺل آھن، عدالتي حڪم باوجود انھن کي تڙيو نٿو وڃي، اياز لطيف پليجي چيو ته  عالمي اسٽيبلشمينٽ، را ۽ پاڪستان دشمن طاقتون سي پيڪ کي ناڪام بنائڻ لاءِ افغانستان جي سرزمين کي استعمال ڪنديون،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.