خبردار! پاڻمرادو مختلف ويڪسينون لڳرائڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو

 

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري ماڻهن کي مشورو ڏنو آهي ته اهي پاڻمرادو ٻن مختلف ڪمپنين جي ويڪسين نه لڳرائن، اهڙو فيصلو صحت جي اختيارين کي ڪرڻ گهرجي.

صحت جي عالمي اداري جي چيف سائنسدان سوميا سوامي ناٿن 12 جولاءِ تي آن لائن بريفنگ ذريعي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ” اهو هڪ خطرناڪ ٽرينڊ آهي، مختلف ملڪن جي شهرين پاڻمرادو اهو فيصلو ڪري ورتو آهي ته ڪڏهن ٻي، ٽين ۽ چوٿين خوراڪ استعمال ڪئي وڃي، اهڙي عمل سان انتشار پيدا ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته ٻن ويڪسينن جي چونڊ ۽ استعمال جو فيصلو پاڻمرادو نٿو ڪري سگهجي، طبي ادارا موجود ڊيٽا کي نظر ۾ رکندي ائين ڪري سگهن ٿا، مختلف ويڪسين جي چونڊ جي حوالي سان تحقيقي ڊيٽا جو انتظار ڪيو پيو وڃي.

ڪجهه تحقيقي رپورٽن ۾ مختلف ويڪسينن جي استعمال جا نتيجا هاڪاري آيا آهن پر اهي اڃا پرنٽ کان اڳ واري مرحلي ۾ آهن ۽ ان حوالي سان وڌيڪ تحقيقي ڪم جي ضرورت آهي.

مختلف ويڪسينز واري ٻن خوراڪن کي ڪجهه ملڪن ۾ هڪ آپشن طور رکيو ويو آهي، جتي ڪنهن مخصوص قسم جي ويڪسين جي کوٽ هجي پر صحت جي عالمي اداري کي خدشو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو پاڻمرادو فيصلو ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا ته انهن کي ويڪسين ڪڏهن لڳائڻي آهي، جيڪا انهن جي صحت تي اثر ڇڏي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.