مٺياڻي ، قاضي احمد ۽ ڀان سيدآباد جون خبرون

مٺياڻي:ڳوٺ ڪاريجا چانڊيا واسين جو  پراپرٽي ڊيلر جي ناجائزين خلاف احتجاج

 

قاضي احمد: وڌندڙ بد امني خلاف سول سوسائٽي جي اڳواڻن  جي پريس ڪانفرنس

 

ڀان سيدآباد ڀرسان  رڪشا ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، عورت فوت،  2 ڄڻا زخمي

مٺياڻي جي ڳوٺ ڪاريجا چانڊيا واسي شيرل چانڊيو, فداحسين ۽ گداحسين جي اڳواڻي ۾ پراپرٽي ڊيلر جي ناجائزين خلاف احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي  دانهيندي ڳوٺاڻن چيو ته پراپرٽي ڊيلر غلام مصطفيٰ  انهن کي حيدرآباد جي علائقي ظفر ٽائون ۾ ھڪ پلاٽ  وڪرو ڪري ڏنو هو جنهن جا ان  13 لک 60 هزار روپيا روڪ رقم ورتي ، سڀ پيسا ڏيڻ باوجود هو انهن کي پلاٽ جو قبضو نه ٿو ڏئي،  هو پلاٽ جي قبضي جي ڳاله ڪن  ٿا ته کين  ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيو ڏئي رهيو آهي،  هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته انهن سان ٿيل زيادتي جو  نوٽيس وٺي پلاٽ جا  ڏنل پيسا واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

02

قاضي احمد شھر ۾ وڌندڙ بد امني خلاف سول سوسائٽي جي اڳواڻن  پاران صدر غلام شبير ملنگ جتوئي جي سربراهي ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. ان موقعي تي تي اڳواڻن چيو ته شھر توڙي پسگردائيءَ ۾ امن و امان برقرار رکڻ لاءِ سول سوسائٽي جي اڳواڻن  پاران  ايس ايڇ او امتياز ٿيٻو ء ڊي ايس پي ارباب علي سومرو سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ويون جنهن ۾ ڏوھاري سرگرمين ۾ ملوث ماڻھن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن  سان ڳالهائيندي ايس ايڇ او ء ڊي ايس پي قاضي احمد چيو ته شھر ۾ وڌندڙ ڏوهن تي جلد ئي ضابطو آندو ويندو

03

ڀان سيدآباد:درگاه سيد طالب شاه وٽ انڊس هاء وي تي رڪشا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ بوبڪ واسڻ مسمات عليمان زال علي نواز ملاح فوت ۽  2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس موجب  زخمين جي سڃاڻپ ڌڻي بخش ۽ لونگ شاهاڻي نالي سان ٿي آهي، زخمين کي سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.