پيٽرول اگهه ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ جي سفارش

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي.

ذريعن موجب اوگرا سمري ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ ساڍا 11 رپيا في ليٽر تائين واڌ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 40 پئسا ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ ڏيڍ رپيو واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو 40 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو حتمي فيصلو وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ ٿيندو، جنهن کانپوءِ ناڻي واري وزارت نين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي تي عمل 16 جولاءِ کان ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.