”عمران خان ۾ ڀت جي پٺيان ڏسڻ جي صلاحيت به آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته وزير اعظم عمران خان آزاد ڪشمير ۾ به حڪومت ٺاهيندو، عمران خان ۾ ڀت جي پٺيان ڏسڻ جي صلاحيت به آهي.

اسلام آباد ۾ وزير اعظم عمران خان جي موجودگي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته چورن ۽ ڦورن جي ڪري ملڪ دلدل ۾ ڦاٿل آهي، عمران خان آزاد ڪشمير ۾ به حڪومت ٺاهيندو.

شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته توهان ملڪ جي خدمت پيا ڪيو، ملڪ مان غربت ختم ڪرڻ ٿا چاهيو، توهان کي به ماءُ جون دعائون آهن مون کي به ماءُ جون دعائون آهن، توهان ملڪ کي اڳتي کڻي وڃو.

گهرو وزير جو چوڻ هو ته وزير اعظم جي قيادت ۾ اسلام آباد شهر کي به مثالي بڻائينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.