نيب ۾ ايتري جرعت آهي جو موجوده اسپورٽس واري وزير خلاف ڪارروائي ڪري؟ احسن اقبال

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال سوال اٿاريو آهي ته ڇا نيب ۾ ايتري جرئت آهي جو موجوده اسپورٽس واري وزير خلاف ڪارروائي ڪري؟

اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال جو چوڻ آهي ته منهنجو ڏوهه اِهو آهي ته مون صوبائي حڪومت جا فنڊ جاري ڪيا، اڄ توهان ڏسندا ته موجوده وزير مون کان وڌيڪ فنڊ جاري ڪيا.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته نيب موجوده وزير جي خلاف ڪارروائي نه ڪندو.

هن چيو ته هڪ لفظ به ڪيس ۾ ذاتي بدعنواني تي ناهي، هي ريفرنس حڪومت ۽ نيب جي جهالت جو ثبوت آهي.

نون ليگي اڳواڻ چيو ته آرٽيڪل 164 ۾ واضح لکيو ويو آهي ته حڪومت ڪنهن شعبي ۾ فنڊ ڪٿي به خرچ ڪري سگهي ٿي، هر فيصلي ۾ هاءِ ڪورٽ لکيو آهي ته نيب ڪرپشن جو ڪو ريڪارڊ پيش ناهي ڪري سگهيو.

احسن اقبال وڌيڪ چيو ته نيب چيئرمين کي اِهو ٻڌائڻو پوندو ته اِهو سڀ هن ڪنهن جي چوڻ تي ڪيو اڄ امير ۽ غريب ۾ واضح فرق ۽ الڳ الڳ پاڪستان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.