سعوديه مان 85 قيدي آڻڻ لاءِ جلد ئي فلائٽ هلندي: غلام سرور خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته سعودي عرب مان 85 پاڪستاني قيدي واپس آڻڻ لاءِ 20 جولاءِ تي فلائٽ هلائي ويندي.

سينيٽ اجلاس ۾ نزهت صادق جي ايئر لائنز جي واڌو بڪنگ ۽ رد ڪرڻ سبب پاڪستانين کي پيش ڏکيائين تي ڌيان ڏيارڻ بابت نوٽيس تي هوائي بازي واري وفاقي وزير غلام سرور جواب ڏنو.

هن چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪري سڄي دنيا جي ايوي ايشن جي صنعت دٻاءَ ۾ آهي، مئي ۾ فيصلو ٿيو هو ته انهن بائونڊ فلائٽس جي گهٽتائي ڪئي وڃي.

غلام سرور خان چيو ته بروقت اطلاع ڏنو ويو پر پوءِ عالمي ايئر لائنز اوور بڪنگ ڪئي، ان تي عالمي ايئر لائنز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري وضاحت گهري آهي.

هن ٻڌايو ته اسان هاڻ فلائٽس کي 20 سيڪڙو کان وڌائي 50 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي، پهرين کان 20 جولاءِ تائين دبئي مان مسافرن کي واپس آڻڻ لاءِ 55 فلائٽس هلايون پيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.