علي امين گنڊاپور جي بيان تي سينيٽ ۾ اپوزيشن جو سخت احتجاج

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جي بيان تي سينيٽ ۾ اپوزيشن طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو.

پ پ سينيٽر رضا رباني ايوان ۾ ”بدڪلامي جي سرڪار، غنڊاگردي جي سرڪار نه هلندي“ جا نعرا هنيا، پوءِ معذرت به ڪئي.

هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو سڄي مسلم امت کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ هي ان کي غدار چئي رهيا آهن، هڪٻئي کي گهٽ وڌ چوندڙ سياست کي تباهي ڏانهن وٺي ويندا.

مولا بخش چانڊيي چيو ته ڪالهه بدزبان حڪومت جي بدزبان وزير ڀٽو صاحب کي غدار چيو، اهي تڪرار جو نئون دَڳ کولي رهيا آهن.

شيري رحمان چيو ته ڀُٽي ايٽمي پروگرام آندو ان لاءِ غدار آهي؟ وات هڻڻ جي حد هوندي آهي، اهي ڪير ٿيندا آهن غداريءَ جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ وارا.

ن ليگ جي اعظم نذير تارڙ چيو ته حڪومتي وزير ڀُٽي، نواز شريف ۽ مريم نواز لاءِ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي، ان تي کيس شرم اچڻ گهرجي.

سينيٽ ۾ قائد ايوان شهزاد وسيم جي تقرير دوران اپوزيشن گوڙ ۽ سخت احتجاج ڪيو.

شهزاد وسيم چيو ته اپوزيشن جماعتن جي اعليٰ قيادت ڪشمير جي چونڊ جلسن ۾ نامناسب ٻولي استعمال ڪئي، اپوزيشن ميمبرن پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو ته حڪومتي سينيٽرن کي روڪڻ ڏکيو ٿي ويندو، اپوزيشن قيادت به پنهنجي نامناسب بيانن تي معافي وٺي، مان عمران خان جو سپاهي آهيان، گوڙ ۽ احتجاج کان ڊڄڻ وارو ناهيان.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي اپوزيشن ميمبرن کي پنهنجي سيٽن تي ويهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اهو طريقو ٺيڪ ناهي، توهان کي جواب جو موقعو ڏنو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.