گمبٽ، نوابشاھ، ميھڙ ۽ بدين جون خبرون

بدين : حيسڪو طرفان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا

 

گمبٽ: شفقت شاه تي قاتلاڻي حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال ، ريلي

 

نوابشاهه:  امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ جي پيش نظر انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس

 

ميهڙ:  پ پ اڳواڻ سردار غلام دستگير ڳورڙ جي مان ۾ آجياڻو

 

بدين : آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ، ڌرڻو

بدين ۾ حيسڪو طرفان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا ،شاھنواز چوڪ تي ٽائرن کي باھ  ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، حادثي ۾ زخمي  ۽ جج جي گاڏي ۾ موجود ٻار  به  احتجاج ۾ ڦاسي پيا پوليس پاران روڊ کولڻ لاءِ منٿون  ڪيون ويون، رھواسين فھيم خواجا. اياز خواجه نورعلي ميمڻ آصف ميمڻ ۽ واپارين موجب واپڊا اختيارين پاران شاھنواز چوڪ تي لڳل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿو ڪري ڏنو وڃي ۽ ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ لاءِ واپڊا جا آفيسر وڏي رشوت طلب ڪري رھيا آھن نه ڏيڻ جي ڪري رولايو پيو وڃي.۔

2

پير آف گمبٽ سيد شفقت شاه تي قاتلاڻي حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف گمبٽ ۾ شٽربند هڙتال ڪري پير محلا کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ سيد شفقت حسين شاه جيلاني دانھيندي چيو جوابدار احمد علي شاه پٽن سميت حملو ڪيو ،ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري ،هن  وزيراعظم عمران خان کان مطالبو ڪيو ته  واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ٻي صورت م 24 ڪلاڪن اندر جوابدار گرفتار نه ٿيا ته دمادم مست قلندر ڪنداسين.

3

ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محسن علي شاھه جي صدارت هيٺ ڊويزن ۾ امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ جي پيش نظر انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ڪمشنر آفيس جي ڪميٽي روم ٿيو، اجلاس ۾ ڪمانڊر انڊس رينجرز نوابشاھه برگيڊئير محمد رمضان، ڊي آئي جي پوليس شهيد بينظيرآباد عرفان علي بلوچ،ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن سميت اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئي،ان موقعي تي ڪمشنر سيد محسن علي شاھه ٽنهي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن سميت ڊويزن جي سمورن واسطيدار عملدارن کي هدايت ڪئي ته  سانوڻي جي امڪاني برساتن ۽  ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنهنجون گهربل تياريون مڪمل ڪن ۽ مربوط حڪمت عملي تحت سانوڻي جي امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جٽادار احتياطي اُپاءُ وٺن،ان کان اڳ اجلاس کي ٽنهي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن پنهنجي پنهنجي ضلعن ۾ امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ جي حوالي سان ڪيل اڳواٽ انتظامن کانسواءِ برسات ۽ ٻوڏ دوران ۽ ان کانپوءِ جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جوڙيل حڪمت عملي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني

4

پيپلزپارٽي ضلعي دادو جي جنرل سيڪريٽري سردار غلام دستگير ڳورڙ جي مان ۾ پ پ پ سٽي ميھڙ جي اڳوڻي صدر نائب ناظم جميل احمد مھيسر عوامي آواز آفيس ۾ آجياڻو  ڏنو ،  دعوت ۾ يوٿ ضلع دادو جو صدر مير مرتضي ڳورڙ اعزازي مهمان هو، ان موقعي تي پ پ پ سٽي ميھڙ جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ رياض حسين ڏيرو ، سٽي ميھڙ جي انفارميشن سيڪريٽري ايم ڊي منير لاشاري ۽  ٻين شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي سردار غلام دستگير ڳورڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2023 جي اليڪشن۾ پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي ء پاڪستان جو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ھوندو ،

5

بدين جي علائقي ڪڍڻ سب ڊويزن ۽ قاضيه واھ سب ڊويزن جي سوين آبادگارن حاجي شير جمالي . غفار لاشاري رياض بوھڙ عبدالطيف بروھي مير حسن پنھور احسان جمالي . بشير احمد نوتڪاڻي جي اڳواڻي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي ايوان صحافت اڳيان ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو،  آبادگار عوامي آواز ٽي وي سان ڳالھائيندي چيو ته ھٿ وٺي پاڻي بند  ڪيو پيو وڃي,سيڊا جو ڊائريڪٽر قبول محمد کٽياڻ  ھٿ وٺي بدين ضلعي کي تباھ ڪرڻ چاھي ٿو اسان جو اڄ ھي پر امن ريلي آھي اسان کي ھاڻي ڪابه وارابندي قبول نه آھي اسان جي ڪڍڻ سب ڊويزن ۽ قاضيه واھ سب ڊويزن جي پاڻي سان چراند ڪئي وئي ته پوء  اسان جو ھي پر امن احتجاج اڃا وڌيڪ خطرناڪ  بنجي ويندو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.