ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا ڪيس وڌڻ تي ڪراچي سينٽرل ضلعي جي 4 ٽائونز جي مختلف گهٽين ۾ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون هنيو ويو آهي.

جن علائقن ۾ لاڪ ڊائون هنيو ويو آهي، انهن ۾ گلبرگ، نارٿ ڪراچي، لياقت آباد ۽ نارٿ ناظم آباد شامل آهن.

ڄاڻايل علائقن ۾ لاڪ ڊائون 26 جولاءِ تائين لاڳو رهندو.

واضح رهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 13.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.