نيب ناڻي واري وزير جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي ان بيان جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته نيب سبب بيورو ڪريسي ڪم نٿي ڪري سگهي.

نيب جي پڌرائيءَ ۾ ناڻي واري وزير جي بيان کي بي بنياد، من گهڙت ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏيندي وضاحت ڪئي وئي آهي ته نيب جا هن وقت 1273 ريفرنس احتساب عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، جن جي ماليت تقريبن 1300 ارب رپيا آهي، انهن ۾ بيورو ڪريسي خلاف ڪيس نه هجڻ برابر آهن پر ان باوجود نيب خلاف مسلسل پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي، جنهن جو مقصد نيب تي الزام تراشي ۽ بيورو ڪريسي جي حوصلا شڪني ڪرڻ آهي.

نيب موجب بيورو ڪريسي ڪنهن به ملڪ لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، ادارو بيورو ڪريسي جو نه رڳو احترام ڪري ٿو پر انهن جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان به ڏسي ٿو، بيورو ڪريسي جيڪڏهن آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪندي ته ان کي ڊڄڻ جي قطعي ضرورت ناهي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزير نيب آرڊيننس جو مڪمل جائزو وٺي، جنهن جي منظوري پارليامينٽ ڏني آهي ۽ سپريم ڪورٽ اسفند يار ولي ڪيس ۾ ان جو مڪمل جائزو وٺي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.