ڪورونا: ملڪ ۾ وڌيڪ 24 فوت، 1980 نوان ڪيس رپورٽ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وبا وڌيڪ 24 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 1980 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سامهون آيل 1980 ڪيسن کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 9 لک 78 هزار 847 ٿي چڪو آهي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هاڪاري ڪيسن جي شرح 4.17 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

وڌيڪ 24 فوتگين کانپوءِ ملڪ ۾ هيل تائين فوت ٿيندڙن جو ڪُل انگ 22 هزار 642 تي پهچي ويو آهي.

انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 738 ڪورونا مريض صحتياب پڻ ٿيا، ائين صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 9 لک 15 هزار 343 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 40 هزار 862 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.