رنگ روڊ اسڪينڊل: راولپنڊي جو اڳوڻو ڪمشنر ڪيپٽن ريٽائرڊ محمد محمود گرفتار

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) راولپنڊي رنگ روڊ اسڪينڊل ۾ اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي ڪيپٽن ريٽائرڊ محمد محمود کي گرفتار ڪيو ويو.

ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن اختيارين اڳوڻي ڪمشنر محمد محمود کي گرفتار ڪري ورتو. ذريعن ٻڌايو ته رنگ روڊ اسڪينڊل ۾ اڳوڻي ڪمشنر جو ڪردار آڏو آيو ۽ اينٽي ڪرپشن اختيارين شاهديون ملڻ تي ئي اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي کي گرفتار ڪيو.

ذريعن موجب رنگ روڊ اسڪينڊل جي هڪ ٻئي ڪردار لينڊ ايڪوزيشن ڪمشنر وسيم تابش کي به گرفتار ڪيو ويو.

رنگ روڊ اسڪينڊل جي جاچ رپورٽ وزير اعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب گوهر نفيس جو چوڻ آهي ته الاٽمنٽ جي منظوري پنجاب جي وڏي وزير کان ناهي ورتي وئي، سي ڊي اي۽ اين ايڇ اي کان اين او سي ناهي ورتي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.