متحده عرب امارات اسرائيل ۾ پنهنجي سفارتخاني جو افتتاح ڪري ڇڏيو

تل ابيب(ويب ڊيسڪ) متحده عرب امارت اسرائيل ۾ پنهنجي سفارتخاني جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

متحده عرب امارات (يو اي اِي) ۽ اسرائيل جي وچ ۾ سفارت لاڳاپا گذريل سال 13 آگسٽ تي بحال ٿيا هئا، ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ان حوالي سان هڪ معاهدو طئي ٿيو هو جنهن کان پوءِ هاڻ ان معاهدي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ کاڻ اڳ ئي متحده عرب امارات اسرائيل ۾ پنهنجي سفارتخاني جو افتتاح ڪيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اسرائيل ۾ متحده عرب امارات جو سفارتخانو تل ابيب ۾ کوليو ويو آهي جيڪو تل ابيب اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ عمارت ۾ قائم آهي.

ان موقعي تي اسرائيلي صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدي کي تاريخي قرار ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.