ملڪ ۾ سون مهانگو ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت 50 رپيا وڌي آهي، جنهن کانپوءِ اهو هڪ لک 8 هزار 900 رپين جو ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 43 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 93 هزار 364 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 9 ڊالر واڌ سان 1817 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.