ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سنڌ ۾ گورنر راڄ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ عامر چيو آهي ته سنڌ ۽ پاڪستان خلاف سازشون ٿي رهيون آهن، وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو وڃي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بهادرآباد مرڪز ۾ رابطا ڪميٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عامر خان جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائلن تي ڀرتيون ڪيون ويون آهن، نادرا تي 50 سيڪڙو غير قانوني ڀرتين جو الزام آهي، نادرا ۾ ڪالعدم ماڻهن جا جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا ويا، لوڪل گورنمينٽ جي سيڪريٽري جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته پ پ سدائين جعلسازي ڪندي رهي آهي، ان حوالي سان ايف آءِ اي جي به رپورٽ جاري ٿي آهي، پاڪستان ۽ ڪراچي کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ سوچيل سمجهيل سازشون جاري آهن، جعلي سڃاڻپ ڪارڊن تي 40 لک ووٽر رجسٽر ڪرايا ويا آهن، وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته سنڌ ۾ گورنر راڄ قائم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.