سوڀو ديرو: مقتول سجاد چنڊي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ شهرين جا مظاهرا، ڌرڻو

سوڀوديرو ويجھو ڳوٺ نواڙو شريف جي رھواسين مختلف برادرين جي  مردن ۽ عورتن  پاران ٻئي ڏينھن تي به مقتول سجاد علي چنڊي جي قتل ڪيس ۾ بي گناھ ماڻھن جي آزادي ۽ اصل قاتلن جي گرفتاري لاء  سوڀوديرو نواڙو شريف لنڪ روڊ تي ڌرڻو هڻي  ٽائرن کي باھيون ڏئي الڳ الڳ   احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا،  ،ان موقعي تي  رھواسين ۽ مختلف برادرين جي مردن ۽ عورتن مسمات نيلو ، مسمات حسنا ، مسمات سيما ،   سيد امير علي شاھ ، فقير پرويز ڀاڳت ، ظھور حطار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾  پاڪ ڪتاب ۽ بينر کڻي  سوڀوديرو نواڙو لنڪ روڊ تي  ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن چيو ته ٻه مھينا اڳ ڳوٺ نواڙو شريف ۾ نوجوان سجاد علي چنڊي جو قتل ڪيو ويو ھيو مقتول جي ڀاء جي  فرياد تي سوڀوديرو پوليس ھڪ سڃاتل صدام ڪمبويو ۽ ٽن آڻ سڃاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو  ، هنن چيو ته پوليس قتل جي الزام ۾ بي گناهه  ماڻهن کي گرفتار ڪري انهن تي تشدد ڪري انهن کان ڏوهه جو اعتراف ڪرائڻ چاهي ٿي،  ھنن چيو ته سڄي ڳوٺ جي ماڻھن کي خبر آھي ته مقتول سجاد علي چنڊي جا اصل قاتل سندس پنھنجي گھر ۾ آھن،  پوليس اصل قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بدران غريب پورھيت معزور محسن علي شاھ ۽ صدام ڪمبويو کي تشدد ڪري زھني مريض ڪري ڇڏيو آھي، ھنن آء جي سنڌ ، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان گھر ڪئي ته سجاد علي چنڊي جي قتل ڪيس ۾ بي گناھ سيد محسن شاھ ، صدام ڪمبويو کي آزاد ڪرايو وڃي ۽ اصل قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.