سونڊو: زھريلو گدلو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ سبب ڪينجھر ڍنڍ جو پاڻي بدبودار ٿي ويو،رهواسي پريشان

ڪوٽڙي ۽ نوري آباد جي صنعتي ادارن جو زھريلو مادو ڇوڙ ٿيڻ سبب سنڌ جي تاريخي ڪينجھر ڍنڍ تيزي سان تباھي طرف وڌي رھي آھي ۽ رھواسين خدشو ظاھر ڪيو آھي ته ڪينجھر ڍنڍ کي به منڇر ڍنڍ بنائڻ جي سازش ٿي رھي آھي. ان سلسلي ۾ ڪينجهر ڍنڍ جي ڪنارن واري پاڻي جو رنگ تيزي سان تبديل ٿي رھيو آھي. جڏھن ته  ڪنارن وارو پاڻي انسانن توڙي آبي جيوت لاءِ ھاڃيڪار ٿي چڪو آھي.، جنهن سبب خطرناڪ بيماريون ڊائريا، گيسٽرو سميت ٻيون بيمارين ڪر کنيو آھي ۽ گذريل هفتي دوران سونهري ۽ کپري مياڻ جا ڪيترائي مرد، عورتون ۽ ٻارڙا ڊائريا ۾ وٺجي ويا آھن. جڏھن  ته  ھڪ معصوم ٻارڙو ڊائريا وگهي فوت ٿي چڪو آھي. سونهري جي سماجي شخص عبدالغفور گندرو، ساجد علي گندرو، عبدالڪريم گندرو ۽ ٻين عوامي آواز آڏو دانهيندي چيو ته ڪينجهر ڍنڍ کي هٿ سان تباھ ڪيو پيو وڃي، هنن  چيف جسٽس ، وزيراعظم پاڪستان،  وزيراعليٰ سنڌ، ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته نوري آباد ۽ ڪوٽڙي جي صنعتي ادارن جو زھريلو فضلو ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ واري عمل جو نوٽيس وٺي ڪينجهر کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.